ڄامشورو ۾ دڪاندار جو قابضا مافيه خلاف احتجاج

ڄامشورو(ڊ ر)ڄامشورو شهر جي سينڊوز روڊ جي رهواسي، دوڪاندار ۽ سنڌ يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازم حاجي پنهون بليدي احتجاج ڪندي صحافين سان دانهندي ٻڌايو ته منهنجو جو پلاٽ، جنهن جو رڪارڊ روينيو آفيس ۽ سب رجسٽرار آفيس وٽ موجود آهن، جنهن جا مون وٽ تصديق ٿيل سڀ ڪاغذ موجود آهن، منهنجي گهر جي پاسي واري پلاٽ جي ڪجهه حصو جيڪو خالي پيل هو، جنهن تي علائقي جي بااثر ماڻهن ۽ ٻين جي ملي ڀڳت سان قبضا مافيا وارن جنهن ۾ مصطفيٰ پٺاڻ، حيدر پٺاڻ ۽ مرتظيٰ پٺاڻ پٽ مير حمزه پٺاڻ ۽ ٻين قبضو ڪيو هو، جنهن جو ڪيس سينئر سول جج ڪوٽڙي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڄامشورو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد مان گذريل ڏهن سالن کان هلندڙ هو انهن قبضي مافيا ڪيس هارايو آهي، انهن پٺاڻن ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي 7400 فوٽ زمين تي قبضو ڪيو هو، ان جي قبضو نه ڊهرائڻ جي سيڪنڊ اپيل رد /ڪيس ھارائڻ کانپوءِ ڪاوڙ ۾ اچي علائقي غير ۽ ڪراچي کان ماڻهو گهرائي موتمار ڌمڪيون سان گڏ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت مختلف قسم جا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، چون ٿا ته جيڪڏهن ڪير به اسان جي قبضي جي ڀرسان آيو ته بچي نه سگهندو، ڪنهن کي به اڏاوت ڊاهڻ نه ڏينداسين، ڀلي اهوئي ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر يا مختيارڪار ڪوٽڙي ڇو نه هجي, هن وڌيڪ چيو ته منهنجي بقايا زمين تي به قبضو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، مون سان انصاف ڪري ۽ قبضا مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي هو مون کي موتمار ڌميڪو ڏئي رهيا آهن جنهن جي مون سڀني وس وارن کي پڻ درخواست ڏني آهي ته خدارا مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪورٽ سڳوري جي حڪم تحت قبضه ڪيل زمين 7400 چورس فوٽ خالي ڪرائي مون کي منهنجي زمين ماپ ڪري ڏني وڃي، هن قبضي مافيا وارن کان جند آجو ڪرائي تحفظ ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں