چوماسي برساتن جي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي:نفيسه شاهه

خيرپور (ڊ ر) ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي وارڊ 09 ۾ ناليواري سياسي اڳواڻ عمردراز راجپوت جي ميزباني هيٺ منعقد ٿيل جلسي عام کي خطاب ڪندي ايم اين اي نفيسه شاهه چيو ته چوماسي برساتن جي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي، پر قدرتي آفتن سبب سنڌ ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت ڪردار ادا ڪري رهي آهي، نفيسه شاهه چيو ته برسات دوران خيرپور شهر جي هيٺائين واري علائقن اوستگاهي، ڏٻر محلا، ذوالفقار ڪالوني سميت وارڊ 9 جي رهواسين سخت تڪليفن ۾ هيا، جن کي اڪليو ناهي ڇڏيو، نفيسه شاهه چيو ته ٻوڏ جي پيدا ڪيل تباهڪارين بعد اسان فوري رليف جي فراهمي، پاڻي هيٺ ٻڏل ماڻهن کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪيوسين، ڊي واٽرنگ ڪرائي سون، ۽ ڊرينج پمپنگ اسٽيشنن کي فعال بنائڻ لاءِ فوري قدم کنيا، نفيسه شاهه چيو ته ن ليگ جي سينئر اڳواڻن عمردراز راجپوت، آصف راجپوت سميت ٻين عبدالمجيد شيخ جي اڳواڻي ۾ ن ليگ کي الوادع ڪري پيپلزپارٽي ۾ شموليت واري قدم جي آجيان ڪريان ٿي، کين يقين ٿي ڏياريان ته پيپلزپارٽي ۾ کين عزت ،مان مرتبو واري درجو ڏنو ويندو، ان کان اڳ جلسي عام جي ميزبان عمردراز راجپوت، آصف راجپوت آجياڻي وارو خطاب ڪندي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ کين سنڌ جا ثقافتي تحفا سنڌي اجرڪ پيش ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں