ڇا هڪ آمريڪي فوجي جي پگهار چين جي جنرل برابر آ؟

سڪندر چنو
گذريل هفتي آمريڪا جي ايئر فورس 34 سالن کان پوءِ هڪ نئين بمبار جهاز جو افتتاح ڪيو آهي. جنهن جو نالو بي 21 ريڊار رکيو ويو آهي ۽ ان بمبار جهاز کي دشمن جو ريڊار سسٽم به پڪڙي نه ٿو سگهي. هن پروجيڪٽ تي آمريڪا ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جا 200 ارب ڊالر خرچ ٿيا آهن. هڪ ٻئي رپورٽ به آئي آهي ته چين جي ايٽمي هٿيارن جي ذخيرن ۾ 2020 جي مقابلي ۾ ٻيڻا ٿيا آهن. ۽ هڪ اندازي مطابق 2030 تائين انهن جو تعداد 1500 تائين ٿي ويندو. اهڙي طرح دنيا ۾ چين به ايٽمي هٿيارن واري ڊوڙ ۾ آمريڪا ۽ روس سان گڏ بيٺل نظر ايندو. ان ڳالهه جو اڄ تائين ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي ته آخرڪار چين، روس، آمريڪا ايڏي وڏي تعداد ۾ موتمار هٿيار ڇو پيا ٺاهن؟ جيڪڏهن ان جيترو برابر خرچ ملڪن ۾ وڌندڙ غربت کي ختم ڪرڻ تي ڪيو وڃي ته دنيا ۾ ڪوبه ملڪ غريب نه رهي سگهندو، پر ائين نه ڪندا. ڇاڪاڻ ته سندن مفاد ختم ٿي ويندا ۽ سندن ملڪن ۾ هٿيار جا ڪارخانا به بند ٿي ويندا. آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته جيسيتائين جيو پاليٽڪس جي ڳالهه آهي ته آمريڪا ان ميدان ۾ فيصلائتي راند ۾ داخل ٿي چڪو آهي. آمريڪي صدر پنهنجي جاءِ تي ته صحيح به چئي رهيو آهي. پر جڏهن ته روس يوڪرين تي خاتمي جو جشن ملهائڻ لاءِ سرگرم آهي ۽ چين تائيوان کي پنهنجي جهوليءَ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ٿي سگهي ٿو ته ان وقت اسين ننڊ جي ڪيفيت ۾ هجون. آمريڪا ۾ اهيا ڳالهه مشهور آهي ته آمريڪا دنيا جي 9 ملڪن جي گڏيل رقم کان به وڌيڪ پنهنجي دفاع تي خرچ ڪندو آهي. اهيا ڳالهه صحيح به آهي ۽ گمراهه ڪندڙ به آهي. هن وقت آمريڪن جي هڪ ميرين فوجي جي پگهار ۽ ٻيون سهولتون چين جي هڪ جنرل جي برابر آهي. هن وقت آمريڪا جا دفاعي خرچ ان جي جي ڊي پي جو 3 فيصد آهي. ۽ گذريل 50 سالن کان وٺي آمريڪا جي ڊي پي جو 4 چوٿون حصو خرچ ڪندو آيو آهي. پيٽر جي پيٽرسن فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته اڳتي هلي ڪري آمريڪا ان شرح ۾ گهٽتائي ڪندو. آمريڪا جا مقصد آهن ته هو بحر اوقيانوس کان خليج فارس، ۽ ان کان به اڳتي تائيوان تائين پکڙيل آهن. جڏهن ته چين، روس ۽ ايران جا مقصد پنهنجن علائقن جي اندر آهن. ان جي ڪري انهن تي توجه ڏيڻ بلڪل آسان آهي. بحري جنگي جهازن جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته هن وقت چين دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن وٽ وڏي مقدار ۾ بحري فوج ۽ جهاز سمنڊ ۾ بيٺل آهن. آمريڪا کان به وڌيڪ ان جو ملڪل بلڪه سمورو ڌيان تائيوان تي کتل آهي. هن وقت آمريڪا کي ايئر فورس جي 1650 فائيليٽن جي کوٽ آهي. بري فوج لاءِ آمريڪا کي 30 هزار نون رنگروٽن جي گهرج آهي. آمريڪا بحري فوج کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 300 بحري جهازن کي به پورو نه ڪري سگهيو آهي. صدر ريگن جي دور ۾ 600 بحري جهاز هئا. هن وقت آمريڪا به ڪافي ملڪن جو قرضي به آهي. پر ڏنڍي جي زور تي انهن کي قرض واپس نه ٿو ڪيو وڃي. هن وقت آمريڪي فوجي هيڊڪوارٽر پينٽاگون به سخت مشڪل حالتن ۾ ڦاٿل آهي. ۽ پينٽاگون جي ڪڏهن به آڊٽ يعني خرچن جي جانچ پڙتال نه ٿي آهي. آمريڪي نيوي جي ليٽورل ڪمبيٽ شپ، آمريڪي ايئر فورس جي لاءِ ڪي سي 46 ٽينڪر ۽ آمريڪي بري فوج لاءِ فيوچر ڪمبينٽ سسٽم تي اربين ڊالر ضايع ڪيا ويا آهن. سرڪاري شپ يارڊ جي ڪافي عرصي کان نظر انداز ڪرڻ تي هاڻي نيوي پنهنجا بحري جهازن جي مرمت ڪرڻ لاءِ سخت پريشان آهي. جيڪڏهن ڪڏهن به چين ۽ آمريڪا جو تائيوان ۾ فوجي ٽڪراءُ ٿئي ٿو ته آمريڪا ان صورت ۾ ڊفينس انڊسٽري فوج کي دفاعي ساز و سامان ڏيڻ ۾ به ناڪام ٿيندو. آمريڪا هنگامي صورتحال کي به منهن نه ڏيئي سگهندو. آمريڪا اندر ئي اندر ڪمزور ٿي رهيو آهي. هن وقت آمريڪا ان نشي ۾ ڌت آهي ته پوري دنيا ان سان گڏ آهي. پر ائين هرگز ناهي هينئر دنيا جون حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن. هن وقت ڪيترائي اشوز آهن جيڪي عوام کان بلڪل پري رکيا ويا آهن، هن وقت آمريڪي عوام چاهي ٿو ته اسان کي پنهنجو مائينڊ سيٽ چين طرف ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هاڻي جنگين جو دور ناهي ۽ چين هن وقت معاشي طور دنيا جو سپر طاقت بڻجي چڪو آهي. خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سعودي عرب ۽ جاپان به ايٽمي قوت بڻجي ويندا. يعني ٻئي امن پسند ملڪ به مجبور ٿي ڪري ايٽمي هٿيار خريد ڪندا. اوٽو بسمارڪ آمريڪا بابت چيو هيو ته هڪ ڏٺل هٿ لڳي ٿو ته جيڪو احمقن، ٻارڙن ۽ نشي بازن ۽ آمريڪن کي بچائي ٿو. لڳي رهيو آهي ته دنيا اندر آمريڪا جو تيزي سان اڀريل سج هاڻي تيزي سان لهندي اونداهي ڪري رهيو آهي. ۽ آمريڪا مخالف قوتون دنيا ۾ گڏ ٿي رهيون. امن پسند ملڪ جنگين مان بيزار ٿيندي خوشحالي واري رستي طرف روان دوان ٿي رهيا آهن. جنگيون ماڻهن کي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کان سواءِ ڪجهه به نٿيون ڏيئي سگهن. ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت به فوجي بجٽ کي گهٽ ڪري غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں