ڪاٽن ايسوسيئيشن جي صدر جي ايس ايس پي سانگهڙ سان ملاقات،ڦر جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊو آدم ڪاٽن ايسوسيئيشن جي صدر ھريش ڪمار ويڌاڻي جي اڳواڻي م ايس ايس پي سانگھڙ بشير احمد بروھي سان ملاقات ڪئي جنھن ۾ وفد کيس ٻڌايو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ٽنڊوآدم جھول روڊ تي واقع اي ڪي ايگرو انڊسٽری ۾ 5 ھٿياربندن چوڪيدار کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ھڪ ڪمري ۾ بند ڪري اٽڪل 40 لک روپين جو تعميراتي سامان ڊاٽسن ۾ وجھي کڻي فرار ٿي ويا آھن بي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ٿيڻ باوجود ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي ان واقعي کان پوء فيڪٽري مالڪ عدم تحفظ جو شڪار آھن ايس ايس پي سانگھڙ بشير احمد بروھي وفد کي يقين ڏياريو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو فيڪٽري مالڪن کي تحفظ فراھم ڪيو ويندو ٽنڊوآدم جھول روڊ تي فيڪٽرین جي سڪيورٽي لاء چيڪ پوسٽ قائم ڪئي ويندي ملاقات م ٽنڊو آدم ڪاٽن ايسوسيشن جا ميمبرن سيٺ مول چند . سيٺ جھامنداس . نارومل . دولت مل جيھراماٹي موجود ھئا .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں