ڪنڌڪوٽ پوليس طرفان، مغوي ٻارڙو بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ(ڊ ر) ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ زبير نظير شيخ رابطي تي ٻڌايو ته ڪنڌڪوٽ پوليس جي وڏي ڪارروائي آهي جو ڪچي ۾ ڏوهارين سان مقابلو ڪري صغير ٻار مسرور بکراڻي کي بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.هن چيو ته معصوم ٻار مسرور بکراڻي جي بازيابي سان گڏ ٻن جوابدارن نثار ۽ احسان مهمداڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.هن چيو ته مقابلو منهنجي نگراني ۾ ڊي ايس پي تنگواڻي شوڪت علي شاهاڻي،ڊي ايس پي يار محمد رند جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي پوليس آپريشن ۾ 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن حصو ورتو هن چيو ته پوليس آپريشن ۾ ڏوهارين جي ٿاڪن تي رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ اي پي سي چين بڪتربند گاڏين ۽ جديد هٿيارن سان پوليس حصو ورتو.هن چيو ته ڪچي ۾ مسلسل هلندڙ پوليس آپريشن ۾ 7 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي.گذريل 10 ڏينهن دوران 11 مغوين کي ڏوهارين جي چنبي کان آزاد ڪرايو آهي.مسرور بکراڻي سميت 10 ڏينهن ۾ ڪراچي پنڊي سکر سميت مختلف علائقن مان ڏوهارين هٿان اغوا ٿي ڪچي پهتل 11 مغوين ۾ شير محمد بروهي،گل محمد بروهي، ڪليم الله ميراڻي،صدام شاه، ممتاز ڀٽي،ڪراچي واسي جنيد قمر،پنڊي واسي زاهد محمود، سکر واسي گلزار شاه،غلام مرتضي شيخ،نديم شيخ کي بازياب ڪرايو آهي.پوليس مقابلن ۾ گرفتار ٿيندڙ ڏوهارين کان اصلحو به هٿ ڪيو ويو آهي.ڪچي ۾ پوليس آپريشن هلندڙ آهي ڪنهن به ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو.ضلعي جي امن و امان جي بهتري لاءِ پوليس بهتر حڪمت عملي سان ڪم ڪري رهي آهي.ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي معصوم ٻارن کي اغوا ڪري پوليس کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهجي ڌاڙيلن خلاف اڳ کان وڌيڪ ڪاروايون ڪيون وينديون پوليس جا حوصلا بلند آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں