ڪوٽڙي ۾ ٽيڪس وصولي خلاف ٽرڪ ڊرائيورن جو احتجاج

ڪوٽڙي(ن س)ڪوٽڙي ڦاٽڪ وٽ ضلعي ڪائونسل ڄامشورو پاران منرل جي نالي تي ريتي بجري جي ٽرڪن کان 2 کان 4 سو روپيا ٽيڪس وصولي خلاف ٽرڪ ڊرائيورن اور ھيڊ برج وٽ ٽرڪون بيھاري احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي ٽرڪ ڊرائيورن چيو ته ضلعي انتظاميا منرل جي زبردستي 2 کان 4 سو روپيا ٽيڪس وصول ڪري رھي آھي جڏھن ته اسان پھرين 1200 روپيا سرڪاري ٽيڪس ڀري رھيا آھيون ھنن مطالبو ڪندي چيو ته اسان سان ظلم بند ڪيو وڃي لڳايل گنڊا ٽيڪس کي ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو..

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں