ڪڪڙ ۾ لغاري برادري جو زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪڪڙ(ن س)قصبو شھر ڪيٽي وسڻ جي غريب ڪٽنب لغاري برادري سان تعلق رکندڙ ميراحمد محمد ياسين ديھ ڪيٽي وسڻ واسين جي ويھ ايڪڙ کن سروي نمبر 63 ۽ اڻ سروي ٽوٽل زمين 40 ایڪڙ کان مٿي جيڪا چاليھ سال مٿي متاثرين مطابق ابن ڏاڏن کان ھنن جي مالڪي آھي جنھن زمين تي قبضو ڪرڻ لاء لغاري برادري جي بااثر ۽ سياسي ڌر جي جوابدارن ميرمحمد ۽ ممتاز ۽ امداد ۽ اعظم ۽ آدم ۽ حاڪم ۽ لطيف ۽ حميد لغاري ۽ ٻين اسان مردن جي غير موجودگي ۾ گھرن مٿان 10 ڄڻن کان مٿي ڄاڻايلن جوابدارن ھٿيارن ۽ ڪوڏر سان حملو ڪري گھر جي چئوديواري ۽ ھڪ ڪمري کي ڪيرائي سياري جي موسم ۾ بااثرن سندن کي بي گھر ڪري ڇڏيو آھي اھڙي ظلم جي نشاندهي تي سنڌ ميڊيا ڪڪڙ جي ٽيم ڪاڇو جي سائيڊ ڪيٽي ايريا ۾ متاثرين ميراحمد ۽ محمد ياسين جي دانھن تي پھچي ويوز ورتا ان موقعي تي متاثرين صحافين آڏو سندن مٿان ٿيندڙ ظلم ڏاڍ ۽ جبر ۽ قصبو جي ونگاري پوليس جي انچارج ۽ اي ايس آئي علي احمد چانڊيو جي خلاف ٻارن سميت احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ت اسان سان اھڙو ظلم وڏي وقت کان جاري آھي جوابدارن کي ب قصبو پوليس جي پٺڀرائي ۽ حمايت حاصل آھي پوليس عملدارن اسانجو نه فرياد وٺي رھيا آھن نئي انھن حملا آورن خلاف ايف آء آر داخل ڪئي پئي وڃي ھنن چتاء ۾ وڌيڪ چيو ت جيڪڏھن اسانکي انصاف نه مليو ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ت اسين پاڻ ساڙينداسين ۽ اسانجي موت جا زميوار مٿيان جوابدار ۽ دادو پوليس انچارج ۽ قصبو پوليس ھوندا ۽ انھن جوابدارن مان اسانکي جاني خطرو پڻ آھي ۽ اسانکي شق آھي سگھي بااثر جوابدار ڌر ميرمحمد ۽ ممتاز ۽ امداد ۽ اعظم ۽ آدم ۽ حاڪم ۽ لطيف ۽ حميد ۽ قصبو پوليس جي عملدارن ۽ ASI علي احمد چانڊيو سان ملي اسانجي ڪنٽب کي قتل ڪري زمين حاصل ڪرڻ لاء قدم کڻي سگھن ٿا آخر ۾ متاثرينن اعلي حڪام ۽ مڙني ڪورٽ سڳوري ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ت اسانجي گھرن مٿان حملو ڪري مسمار ڪيل گھرن ۽ حملي جي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسانکي انصاف سان گڏ تحفظ فراھم ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں