17 ڊسمبر تي پنجاب ۽ ڪي پي جون صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪندس: عمران خان

لاهور (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو 17 ڊسمبر تي پنجاب ۽ ڪي پي جي صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪندو. هن چيو ته 17 ڊسمبر تي لبرٽي چوڪ تي تحريڪ انصاف جو جلسو ٿيندو جتي هو ٻنهي اسيمبلين جي ٽوڙڻ جي حوالي سان اعلان ڪندو. عمران خان چيو ته قومي اسيمبلي ميمبر ايوان ۾ وڃي ٻيهر استعيفائونٰ ڏيندا جنهن کانپوءِ ستر سيڪڙو ملڪ اليڪشن جي موڊ ۾ هليو ويندو، جيڪڏهن ستر سيڪڙو ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻون آهن ته ان کان بهتر آهي تي عام چونڊون ئي ڪرائي ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته شرم جوڳي طريقي سان وڏن ڌاڙيلن جا ڪيس ختم ڪيا پيا وڃن، اسان تباهي جي ڪنڌيءَ تي بيٺا آهيون، اسان جي معيشت تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي، معيشت انڪري تباهه ٿي رهي آهي ته اسان جي ملڪ ۾ انصاف ناهي، وڏا ڌاڙيل جيڪي روپوش هئا اڄ اُهي واپس اچي رهيا آهن ۽ سندن ڪيسز ختم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته انهن چورن کي اين آر او ٽو ڏئي پاڪ ڪيو پيو وڃي، جنرل باجوا کين اين آر او ٽو ڏنو آهي، سليمان شهباز واپس اچي چوي ٿو ته ساڻس ڪيڏو ظلم ٿيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سندن ڪيسن سان جڙيل ماڻهون الائي ڪيئن دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا؟ ڪير ان معاملي جي جاچ ته ڪري. عمران خان چيو ته هاڻي زرداري مافيا کي به معاف ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، اٺاسي سيڪڙو بزنس مين چون ٿا ته کين موجودا حڪومت تي يقين نه آهي، پاڪستان جي ڪريڊٽ رسڪ سئو سيڪڙو وڌي وئي آهي، جڏهن اسان حڪومت ۾ هئاسين ته ڪريڊٽ رسڪ پنج سيڪڙو هئي، معيشت ڏينهون ڏينهن تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي. هن چيوته اِهو سازش تحت ملڪ سان ڪيو ويو آهي، ملڪ ڏيوالو ڪري ويندا آهن ته سڀ کان اڳ قومي سلامتي سيڪيورٽي متاثر ٿيندي آهي. عمران خان چيو ته اهو تاثر پيدا ڪيو پيو وڃي ته اسان چاهيون ٿا ته اسيٽبلشمينٽ اسان جي مدد ڪري، مان ڪنهن کان ڪا به مدد ناهي گهري، چاهيان ٿو ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل رهي. اڳوڻي وزيراعظم جڏهن مان حڪومت ۾ هئس جنرل باجوا چيو هو ته احتساب کي ڇڏي ڏيو معيشت تي ڌيان ڏيو، باجوا فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ) فيٽف ) جي حوالي سان قانونسازي وقت چيو ته اپوزيشن کي اين آر او ٽو ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته مون مٿان ڪنهن حملو ڪرايو، اڳوڻي وزيراعظم طور پاڻ تي حملي جي ايف آءِ آر ناهيان ڪٽرائي سگهيو، اسان والاريل ڪشمير ۾ خراب حالتن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ڳالهه ڪندا آهيون، هتي وري ڪهڙو انساني حقن جي اهميت آهي؟ عمران خان چيو ته جنرل مشرف تي تنقيد ڪندا هئاسين ڇا اِها فوج تي تنقيد ڪندا هئاسين؟ قوم فوج سان پيار ڪري ٿي ، اسان کي آزاد رکڻ واري فوج آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مون ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ کان مدد نه گهري آهي نه گهران ٿو، منهنجو وات بند ڪرائڻ لاءِ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو پر جيستائين جيئرو آهيان آواز اُٿاريندو رهندس. عمران خان چيو ته سنڌ جو اليڪشن ڪمشنر سنڌ سرڪار جو ملازم آهي، اِهو آزاد اليڪشن ڪمشنر نه آهي، اليڪشن ڪمشنر سنڌ خلاف اسان جو ڪيس سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ پيل آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي ايجنڊا مون کي نااهل ڪرائڻ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں