آئين ۾ ڪا گنجائش ناهي ته وڏو وزير ننڊ مان اُٿي چوي ته اڄ اسيمبلي ٽوڙيان ٿو: مراد علي شاهه

دادو، شهدادڪوٽ، راڻيپور (نمائندن وٽان) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آئين ۾ ڪا گنجائش ناهي ته وڏو وزير ننڊ مان اُٿي چوي ته اڄ آفيس نٿو وڃان ۽ اسيمبلي ٽوڙيان ٿو، پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ لاءِ ئي وڏو وزير اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀان سيد آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اسيمبلي نه ٽُٽندي، ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ اسيمبليز نه ٿيون ٽوڙي سگهجن. اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ وڏي وزير کي اختيار  ضرور آهي پر ان جي پويان سوچ هجي، ڪنهن کي خوش ڪرڻ  لاءِ اسيمبلي نه  ٽٽندي، ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير ڪي اين شاهه پهچي نوري آباد سانحي ۾ فوت ٿي ويل 18 ماڻهن جي وارثن سان ڏک ونڊيو، ڪڪڙ ۾ برسات متاثرن سان ملاقات ڪري اهنج معلوم ڪيا، جڏهن وڏي وزير مراد علي شاه اباڻي ڳوٺ واهڙ ۾ پرائمري اسڪول جو دورو پڻ ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه راڻيپور پھچي ايم اين اي پير سيد فضل علي شاهه جيلاني ۽ صوبائي وزير اوقاف سيد احمد رضا شاھ جيلاني جي والده جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ مغفرت لاءِ دعا گهري ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير سيد ناصر علي شاهه، ڄام خان شورو، سيد بچل شاهه سميت صوبائي وزير، صلاحڪار ۽ آفيسسر موجود ھئا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسيمبليون پنھنجو مدو پورو ڪنديون ملڪ ۾ سياسي ڀونچال سبب نقصان ٿيندو. وڏي وزير کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو حق آھي پر ان لاء زميني حقيقتون ملڪ جي مفاد ۾ ھجن. ھن چيو تہ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي وزير اعلي تي اعتماد آھي عمران خان جي ذاتي سوچ تي اھي اسيمبليون نه ٽوڙيندا، پ پ پ جھموري پارٽي آھي ان ھميشه جھموريت ۽ اسيمبلين جو مدو پورو ڪرڻ جي حمايتي رھي آھي. برسات متاثرن جي سروي تقريبن مڪمل ٿي چڪي آھي جلد انھن کي رليف ڏنو ويندو موٽروي جو افتتاح ٿي ويو آھي نوڪريون مقامي ماڻھن کي ڏيڻ جو سنڌ حڪومت جو موقف وزير اعظم مڃيو آھي اھو سنڌي ماڻھن جو حق آھي. ٻئي پاسي سنڌ جو وڏو سيد مراد علي شاھ مختصر دوري تي قمبر پڻ پھتو جتي هن متاثر ھارين ۽ زميندارن سان ملي انھن جا مسئلا ٻڌا وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ايف پي بند جو پڻ دورو ڪيو جتي هن مرمتي ڪم جو پڻ جائزو ورتو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں