مير ذوالفقار چانڊيو
معاشري اندر ڪجھ اھڙا واقعا سانحا پيش ايندا آهن جنهن سان دل جھري پوندو آھي اکين ۾ مسلسل ڏک درد واري رم جھم شروع ٿي ويندي آهي اھڙن واقعن کي بيان ڪرڻ يان لکڻ لاءِ لفظ اڻپورا رھجي ويندا آهن اھڙو ئي ھڪ ڏکارو دردناڪ واقعو اڄ کان اٺ سال اڳ 16 ڊسمبر 2014 تي پشاور آرمي پبلڪ اسڪول ۾ پيش آيو ھو جتي ڏينهن ڏٺي جو اسڪولي ٽائم تي صبح ڏهين وڳي ڪجھ دھشتگردن ڪنھن وڏي منصوبي سان اسڪول ۾ داخل ٿي ڪري ھلندڙ پروگرام ۾ ڪافي شاگردن کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪري مٿن بندوقن جا منهن کولي گولين جو مينھن وسائي ڇڏيو ھو جنهن جي نتيجي ۾ 8 کان 18 سالن جا 131 معصوم ۽ بيگناھ شاگرد شهيد ٿي ويا، معصوم شاگرد جان بچائڻ لاءِ بينچن، ڪرسين ۽ ٻين جڳهين تي لڪي جان بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڙيون ڪندا رهيا، پر ظالم ۽ وحشي دهشتگردن انهن معصوم ۽ پتڪڙن ٻارڙن جي نازڪ سينن ۽ ڇاتين کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو. هر طرف ريهون ۽ چيخون هيون، هر طرف رت جو درياءَ وهي رهيو هو، ان واقعي مان ائين پئي لڳو ته دهشتگردن جو ٽارگيٽ وڌ کان وڌ شاگردن کي مارڻ ئي هو، واقعي جي اطلاع تي پاڪ فوج جي اسپيشل سروس گروپ جا جوان پهچي ويا جن جي مقابلي ۾ 7 دھشتگرد مارجي ويا ھئا جڏهن ته باقي دهشتگردن کي آرمي اسپيشل گروپ جي جوانن مقابلي بعد گرفتار ڪري ورتو، جن مان چئن دهشتگردن کي ڊسمبر 2015 تي ڦاهي تي لٽڪايو ويو. پشاور واقعو 2007 ۾ ڪارساز ڪراچيءَ ۾ ٿيل حملي سان گڏ ٻين دھشتگردي واقعن کان مختلف ۽ خطرناڪ هو، جنهن ۾ معصوم انسانيت ۽ علم جي پروانن کي ڳولي ڳولي شهيد ڪيو ويو، دراصل هي واقعو پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي کي ڪچلڻ لاءِ جون 2014 ۾شروع ڪيل آپريشن ضرب عضب جو رد عمل هو، آپريشن ضرب عضب ۾ اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي جوانن ھزارين دهشتگردن جو صفايو ڪيو هو ۽ ڪجهه مهينن جي آپريشن بعد اتر وزيرستان جي 90 سيڪڙو علائقي کي دهشتگردن کان آجو ڪرايو هو پاڪستان جي تاريخ ۾ دهشتگردي جي بدترين واقعن ۾ سڀني کان هي پشاور وارو سانحو انتهائي ڀوائتو ۽ المناڪ هو. پشاور آرمي پبلڪ اسڪول سانحو اهو دل ڏاريندر واقعو هو، جنهن پوري پاڪستان جي ماڻهن جي دلين کي جهوري پور پور ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ان واقعي سبب پوري قوم پهريون ڀيرو متحد ٿي دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪ فوج سان مڪمل اظهار يڪجهتي ڪئي، وڏي ڳالھ ته ان وقت سياسي حالتون ڪشيدگي واري صورتحال جي نظر ٿيل ھيون ان وقت عمران خان پاران گذريل چئن مهينن کان اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي وقت جي حڪومت خلاف ڌرڻو هڻي ويٺل ھيو ته اچانڪ ھي پشاور واقعو سامهون اچي ويو جنهن سبب عمران خان سمجھداري جو مظاهرو ڪندي ڌرڻي کي ختم ڪري پشاور پھتو انھن مشڪل حالتن ۾ سڀئي سياسي پارٽيون ھڪ پيج تي اچي دھشتگردن خلاف گڏ بيھي رھيون جيڪو عمل تعريف جي لائق ھو هن کان پهرين ڪڏهن به سياسي پارٽيون ھڪ پيج تي نه گڏ ٿي سگهيون جڏهن پاڪستاني قوم معصوم گلڙن جا چچريل لاش ڏٺا ۽ غم ۾ ورتل والدين جي اکين ۾ آيل ڳوڙها ڏٺا ته هر فرد ائين پئي محسوس ڪيو ته ڄڻ هن جي گهر جي گلستان مان گلڙا ڇڄي ويا آهن، جنهن پوري قوم کي پهريون ڀيرو محسوس ڪرايو ته هاڻي دهشتگردن سان متحد ٿي وڙهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه بچيو آهي، پشاور سميت پورو پاڪستان آرمي پبلڪ اسڪول سانحي سبب ڪئين ڏينهن سوڳ ۾ مبتلا رهيو. اصل ۾ دهشتگردن جو ڪو به مذهب نه آهي، هو درندا آهن، جنهن جو صرف هڪ ئي مقصد هوندو آهي ته پنهنجي دهشت ۽ وحشت کي برقرار رکيو وڃي، هنن کي ان ڳالهه جو ڪو به احساس ڪونهي هوندو ته هنن شهيد ٿيل معصوم ٻارڙن جو ڪهڙو ڏوھ هو، هنن جي والدين جي هنن سان وابسته اميدن سان هنن کي ڪو به سروڪار ناهي، موت جي خوف کان بي خطرا انهن معصوم گلڙن تي جديد هٿيارن جو ايترو ته بارود وسايو ويو جو معصوم شاگرد ۽ استادن سميت سوين والدين جون آسون به بارود جي انهيءَ دونهين ۾ دفن ٿي ويون، اڄ هو پنهنجن پيارن جي قبرن تي وڃي کين عقيدت جي ڀيٽا پيش ڪن ٿا ۽ سندن فريم ۾ بند ٿيل مرڪندڙ تصويرن کي ڏسي پنهنجا لڙڪ هارين ٿا، جيتوڻيڪ اسان سميت پوري انسانيت هن ڏکوئيندڙ واقعي تي اڄ اٺ سالن کان پوءِ به غمزده آهي، پر شهيدن جي پيرسن والدين جي نماڻين اکين ۾ گهوري ڏسبو ته سندن سڪي ويل اکين ۾ اڄ به درد جو اهو درياءَ وهي پيو، جنهن کي اسان ۽ اوهان محسوس نٿا ڪري سگهون.انهن والدين جون عيدون ۽ شام جا پويان پهر ۽ رات جي خاموشي کين پنهنجن کسجي ويل گلڙن کانسواءِ ڪيئن گذرنديون هونديون؟ ان درد جي ڪٿا جو اندازو صرف اهو ئي انسان ڪري سگهي ٿو جنهن جي گهر جي مٿان اهڙي قيامت گذري هوندي. هو معصوم شهيد ٿي امر بڻجي ويا ۽ دهشتگرد به گولين ۽ ڦاسين جو بک بڻجي مٽي جي ڍير ۾ دفن ٿي ويا، پر شهيدن کي اڄ پوري قوم سرخ سلام پيش ٿي ڪري ۽ انهن جي دلين ۾ اڄ به سندن لاءِ محبت ۽ دعائن جو درياءَ موجود آهي ۽ رهندو ملڪ جي ان وڏي سانحي کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ پارلياماني پارٽين طرفان ھڪ نيشنل ايڪشن پلان ترتيب ڏنو ويو هو جنهن ۾ اسمبلي مان بل پاس ڪري فوجي عدالتون جوڙيون ويون ھيون جن عدالتن جو مقصد جلد کان جلد دھشتگردن کي عبرتناڪ سزائون ڏيڻ ھو پر افسوس ته انهن عدالتن جي موجود ھجڻ باوجود ڪافي دھشتگردن کي سزائون ڏيڻ کان بغير آزاد ڪيو ويندو آهي اڄ پشاور سانحي کي اٺ سال مڪمل ٿيا آهن شھيدن جي اٺين ورسيءَ جي حوالي سان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ريليون تقريبون منعقد ڪري شھداء پشاور کي عقيدت جا گل پيش ڪيا ويندا
meerzulfiqar572@gmail.com
