اوڏيرولال (ن س)تعليم کاتو مٽياري رشوت جو ڳڙهه بڻجي ويو، رشوت ۽ سفارش عيوض من پسند اسڪولن ۾ آئي بي پاس استاد مقرر، ڪيترائي بند اسڪول کلي نه سگهيا، ڳوٺاڻن جو تعليم کاتي مٽياري خلاف احتجاجي مظاهرو، نوٽيس وٺڻ جو مطالبو . تفصيل موجب تعلقي مٽياري جا ڪيترائي اسڪول بند، آئي بي اي پاس استاد رشوت ۽ سياسي سفارش عيوض من پسند اسڪولن ۾ مقرر، ڳوٺ حاجي جمعا خان مڪراني، ڳوٺ چنيسر خاصخيلي، ڳوٺ عدل عاقلاڻي سميت ٻين ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استاد مقرر نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري اسڪولن ۾ داخل هزارين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. هتان جي رهواسين سعيد بلوچ، عبدالواحد بلوچ، محمد حسن خاصخيلي، عاشق خاصخيلي ۽ ٻين تعليم کاتي مٽياري جي آفيسرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته ضلعي مٽياري جو تعليم کاتو رشوت جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي. رشوت ۽ سياسي سفارش تي استاد مقرر ڪيا پيا وڃن، جتي اڳ ۾ ئي استاد مقرر ٿيل آهن. هنن چيو ته اسان جي ڳوٺن جا بوائز پرائمري اسڪول گذريل ڪيترن ئي مهينن کان بند پيل آهن، جنهن ۾ داخل هڪ هزارين ٻارن جو اسڪولن ۾ استاد نه هجڻ ڪري تعليم داءُ تي لڳي ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته تعليم کاتي جي پاليسي مطابق انرولمينٽ جي حساب سان استاد مقررٿيڻ گهرجن، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته سوين ٻارن لاءِ اسڪولن ۾ هڪ به استاد مقرر ٿيل ناهي. ڳوٺاڻن صوبائي وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ استاد مقرر ڪرائي اسان جي معصوم ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.
