جاپان جي ڪائونسل خاني پاران مهراڻ يونيورسٽي کي ڪتابن جو تحفو ڏنو ويو

ڄامشورو( پ ر) جاپان جي ڪائونسل خاني، ڪراچي پاران مهراڻ يونيورسٽي کي جاپان جي ادب، فن، سياست، معاشري، اقتصاديات، ثقافت ۽ بين الاقوامي تعلقاتن بابت جاپان جي نپن فائونڊيشن طرفان ڪتابن جو تحفو مهيا ڪيو آهي. ڪتاب مهراڻ يونيورسٽي حوالي ڪرڻ واري تقريب مهراڻ يونيورسٽي جي سينيٽ هال ۾ ٿي گذري. تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته جاپان پاڪستان جي شاگردن ۽ يونيورسٽين جو سهڪار ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته جاپان طرفان پاڪستان جي شاگردن کي سٺيون اسڪالرشپون پڻ ملنديون رهيون آهن. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي کي جاپان طرفان مليل ڪتابن لاءِ مهراڻ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري ۾ هڪ ڪارنر مخصوص ڪيو ويندو. وائيس چانسلر چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ ايندڙ سال جاپاني ٻولي جي سکيا وارا ڪلاس پڻ شروع ڪيا ويندا. جاپان جي وقتي ڪائونسل جنرل ناڪاگاوا يوشي(Nakagawa Yasushi) اردو ۾ تقرير ڪندي چيو ته آئون پاڪستان ۾ پڙهيو آهيان اسلام آباد ۾ مهراڻ يونيورسٽي مونکي تمام گهڻي پسند آئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي پراڻي ۽ مضبوط دوستي آهي.  هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي کي زندگي جي پنج اهم شعبن بابت ڪتاب فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اميد ٿي ڪجي ته مهراڻ يونيورسٽي سان ڪلچرل ۽ علمي مٽاسٽا جا پروگرام جاري رهندا. تقريب کي مهراڻ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي، ڊاڪٽر نعمان سومرو پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي سان تعلق رکندڙ جاپان جي المنائيز ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں