خيرپور ناٿن شاهه ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي نااهلي خلاف شهرين جي احتجاجي ريلي

خيرپور ناٿن شاهه(رپورٽ: محمد فراز سوڍر (خيرپور ناٿن شاھ ۾ پوليس جي نااهلي سبب وڌنڌڙ بد امني خلاف شھر جي سياسي سماجي صحافين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سٽي پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي علم دار چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاھري ۾ سٽي پريس ڪلب ، مھراڻ پريس ڪلب ، نيشنل پريس ڪلب ، سچل پريس ڪلب،  سنڌ ٽي وي، ڪي ٽي اين آفيس جي صحافين سان گڏوگڏ شھر جي سياسي سماجي ۽ شھرين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. مظاھري ۾ شريڪ سٽي پريس ڪلب جي صدر عمران بلوچ، عرفان مشوري ، سچل پريس ڪلب جو صدر محمد فراز سوڍ  نيشنل پريس ڪلب جي صدر امداد گاڏھي ، مھراڻ پريس ڪلب جي صدر ارشاد کوسو  سنڌ ٽي وي نيوز عقيل سومرو ،ڪاوش رپورٽر مختيار چانڊيو، شفيق الزمان لغاري، برڪت چانڊيو، ايس ٽي پي اڳواڻ علي حسن جانوري ، حميد شڪيل چانڊيو،سڪندر کوکر، قاري اسد لغاري ، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سومر چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خيرپور ناٿن شاهه۾ پوليس امن امان قائم ڪرڻ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويئي آهي، ھتي چوريون ڦرون۽ داڙا روز جو معمول بڻيل آهن، ھن شھر۾ شھرين سان گڏوگڏ صحافي ٻه غير محفوظ بڻجي ويا آهن، ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته خيرپور ناٿن شاھ جو صحافي شفيق الزمان لغاري سان مسلسل ناجائزي ٿي رھي آھي، ٻوڏ کان ڪجھ ڏينھن اڳ صحافي شفيق الزمان لغاري جي گھر مان 8 لکن جي چوري ٿي وئي هئي، جيڪا پوليس رڪور نه ڪرائي سگھي، جنھن بعد ٻوڏ کان پوءِ وري صحافي جي گھران سولر پليٽون چور چوري ڪري فرار ٿي ويا، اھڙو اطلاع ملڻ  جي باوجود به پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي ، جڏھن پوليس جي نااهلي سبب شهري مڪمل غير محفوظ بڻجي ويا آهن  . ھنن آء جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي خيرپور ناٿن شاهه جو امن امان بحال ڪرايو وڃي صحافي شفيق الزمان لغاري جي ٿيل چوري واپس ڪرائي وڃي نه ته ٻيءَ صورت ۾ انڊس ھائي وي بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں