روهڙيءَ ۾ عمراڻي برادري جو ايڪسائيز پوليس جي ڏاڍائين خلاف احتجاجي مظاهرو

روهڙي(ن س) روهڙي جي ڳوٺ ٻڍو عمراڻي جي رھواسين عبدالحمید عمراڻي، نظير احمد، مسمات سرداران ۽ مائي محلان عمراڻي، جي اڳواڻي ۾ عورتون ۽ معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيون آهي ته ايڪسائيز انسپيڪٽر قمرالدين سيال وٽ جاويد علي عمراڻي ٽن مھينن کان پنهنجي ٽيڪسي ڪار ڪرائي تي ھلائيندو ھو، ڪرائي جا پئسا گھرڻ تان ايڪسائيز انسپيڪٽر ڏمرجي پيو ۽ ھن گذريل ڏينهن پنھنجي ٽيم ساڻ ڪري روهڙي شهر مان جاويد عمراڻي ۽ عمران عمراڻي کي ٽيڪسي ڪار سميت کنڀي گم ڪري ڇڏيو ۽ نوجوانن کي ڇڏڻ لاءِ لکين رپيا رشوت جي گهر ڪئي نه ڏيڻ تي جاويد عمراڻي کي چار مڻ ڀنگ جي ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪري ۽ جيل موڪلي ڇڏيو آهي جڏهن ته نوجوان عمران اڃان تائين گم آھي مظاهرين عدالت سڳوري ۽ ايڪسائيز پوليس جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته آهي ته ايڪسائيز انسپيڪٽر قمرالدين سيال ۽ ان جي ٽيم خلاف قانوني ڪارروائي ڪري نوجوان عمران عمراڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايڪسائيز انسپيڪٽر قمرالدين سيال جو چوڻ هو ته چيڪنگ دوران جاويد عمراڻي کي ڪار ۾ چار مڻ ڀنگ سميت پڪڙي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته عمران عمراڻي کي پڪڙي گم ڪرڻ جو الزام غلط آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں