سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ ڪوٽڙي جي علي بابا ڪاليج ۾ جاڳرتا پروگرام منعقد

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران جاري ‘سنڌي ٻولي جاڳرتا مھم’ جي سلسلي ۾ علي بابا بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙيءَ ۾ جاڳرتا جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. پروگرام کي خطاب ڪندي نامياري ليکڪ جامي چانڊيي چيو ته ٻولي رڳو ابلاغ جو ذريعو نه آهي، پر سموري انساني وجود جي اظهار ذريعو ٻولي ئي آهي، جنهن ۾ تصور ڪجي ٿو، خواب ڏسجن ٿا، تخليقي اظھار ڪجي ٿو. دنيا جي سمورين ٻولين جو ڄاڻو به خواب رڳو پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڏسندو آهي، ان ڪري پنھنجي ٻوليءَ سان محبت فطري عمل آهي. هن چيو ته ٻولي اسان جي وجودي تڪميل ڪري ٿي ۽ جيڪو ماڻهو پنھنجي وجود ڏانھن لاپرواهي ڪري ۽ ڪنهن احساس ڪمتريءَ جي ڪري ان کي ڌڪي ڇڏي ته پوء باقي ڇا بچيو. جامي چيو ته ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جو پڙهيو لکيو مڊل ڪلاس هتان هليو ويو. وڏي وقت کان پوءِ هاڻ سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ جو وچولو طبقو ٺھي بيٺو آهي، پر ان جو سنڌي ٻوليءَ ڏانھن رويو بھتر نه آهي، جيڪا بدقسمتي چئبي. هن چيو ته پنھنجي ٻوليءَ جي عام واهپي لاء سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جيڪا جاڳرتا مھم شروع ڪئي آهي، ان جا ڏور رس اثر پوندا. تعليمي ادارن ۾ هن قسم جا پروگرام نوجوان نسل وٽ ٻوليءَ جي اهميت محسوس ڪرائيندا ۽ اميد آهي ته هي نسل جديد دور جي تقاضائن موجب پنهنجي ٻوليءَ جي تاريخي اهميت کي سمجهي، ان کي ترقي ڏيارڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي سڀ کان وڌيڪ خطرو اندروني آهي ۽ اهو خطرو اسان  جي روين جو آهي. هن چيو ته اسان جي لاتعلقي اسان جي ماءُ ٻوليءَ جي لتاڙ جو سبب بڻجي رهي آهي. گهر، بازار ۽ اسڪول اندر ٻولي وڌي ۽ بچي سگهي ٿي، پر ٽنھي هنڌن تي صورتحال ڏينھون ڏينھن مايوس ڪندڙ نظر پئي اچي. هن چيو ته اسان جي ٻوليءَ کي مرڻ جو خطرو نه آهي، پر سرڪاري پاليسين ۽ شخصي لاپرواهي ۽ غير سنجيدگي گهرن، شهرن ۽ خانگي تعليمي ادارن اندر ٻوليءَ کي سوڙهي گهٽيء ۾ آڻي بيهاريو آهي. هن چيو ته خانگي اسڪولن جي عالمي نيٽ ورڪ دنيا انگريزيء جي تشھير ڪري، مقامي ٻولين لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن. خانگي اسڪولن جو تعليمي معيار نمائشي وڌيڪ آهي، اڄ به مقابلي جي امتحانن ۾ اڪثريت سرڪاري اسڪولن مان نڪتل ٻارن جي پاس ٿئي ٿي، جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته مادري ٻولي پڙهندڙ ٻار ئي ذهين ۽ وڌيڪ سمجهه وارا ٿين ٿا. هن چيو ته اسان کي پنھنجو پاڻ سان واعدو ڪرڻو پوندو ته گهر، بازار ۽ ڪچهرين ۾ سنڌي ڳالهائينداسين. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ به سنڌين سان سنڌي ڳالهائڻ ته ايمان جو حصو بڻائڻ کپي. سپلا اڳواڻ انور منصور چيو ته’ قومن کي زنده رکڻ ۽ سڃاڻپ لاءِ ٻولين کي بچائڻو ضروري آهي.  اسان کي به پنهنجي قومي سڃاڻپ بچائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي ترجيح ڏيڻي پوندي، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري ٻوليءَ بچائڻ ۽ ان جي واهپي وڌائڻ لاءِ جيڪا تحريڪ شروع ڪئي آهي، اسان سپلا پاران ان کي ڀليڪار ڪريون ٿا. استاد جيئن ته ٻوليءَ جا محافظ ٿيندا آهن، تنھن ڪري سموريءَ سنڌ جي استادن کي هن جاڳرتا مھم جو حصو ٿيڻ گهرجي. علي بابا ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر فضل ڪريم صديقيء چيو ته’ اسان جي قومي وجود جي بقا ٻوليءَ ۾ آهي، مونکي سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل روشن ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ڇو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اها ڪشادگي آهي جيڪا دنيا جي ڪنھن به ترقي يافته ٻوليءَ ۾ ٿيندي آهي. هن چيو ته سنڌي ڇوته شاه لطيف جي ٻولي آهي، تنھن ڪري اها هميشه قائم رهڻي آهي. ان موقعي تي ڪاليج جي استادن پروفيسر مخدوم محمود احمد چيو ته افسوس جي ڳالهه آھي ته اسان جي پنهنجي لاپرواهي جي ڪري پنهنجي وطن، پنهنجي شهرن ۽ پنهنجي ڌرتي تي اسان پنهنجي ٻولي جي بقا جي مهم پيا هلايون. اهو مثال دنيا جي شايد ڪنھن به ملڪ ورلي ملي، اسان کي فخر آهي ته سنڌي ٻوليءَ دنيا جي قديم ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي ان جي ترقي ۽ ترويج لاء هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پروفيسر فضل چانڊيي چيو ته اسان خوشنصيب آهيون جن جي مادري زبان سنڌي آهي ۽ دنيا ۾ قرآن شريف جو پھريون ترجمو پڻ سنڌي ۾ ٿيو. فارسي ٻوليءَ کي به سنڌي ٻوليءَ مات ڏني، سنڌي اسان جي قومي سڃاڻپ آهي، ان کي بچائڻ اسان جو قومي فرض هجڻ گهرجي.  ان موقعي تي سيد جڙيل شاه، ڊاڪٽر ثناءُ الله رستماڻي، شاگردن سمير احمد ۽ عمير باريچي پڻ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي اهميت بابت ويچار ونڊيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں