قمبر جي هاءِ اسڪول جي شاگردن جو واڌو فيس خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر(ڊ ر) قمبر جي هاءِ اسڪول جي شاگردن جو واڌو فيس خلاف شهداء چونڪ تي احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن حسن رضا رند،ڪاشف کوسو،ذوهيب احمد،جان محمد،شاهزيب خان مظهر بروهي ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي بورڊ طرفان غريب شاگردن سان ظلم ڪندي هڪ سو مان وڌائي 28 سو رپيا ڳاٽي ٽوڙ فيس وڌائي ڇڏي آهي سرڪاري اسڪولن ۾ غريب مسڪينن جا ٻارڙا تعليم پرائن ٿا جن ڳاٽي ٽوڙ وصول ڪرڻ ظلم آهي هنن اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڳاٽي ٽوڙ فيس ختم ڪري تعليم عام ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں