لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آپڪا پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي سڏ تي مرد ۽ عورت ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ قلم ڇڏ هڙتال ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن پيرل دايو، عبدالوحيد چانڊيو، قطب الدين راجپوت، محمد شريف عمراڻي ۽ ٻين چيو ته قمبر جي جونيئر آفيسر اورنگزيب ڀٽو 9 سينيئر آفيسرن کي هٽائي پاڻ چارجون ورتيون آهن ۽ لاڙڪاڻي مان 11 ننڍن ملازمن کي ڪراچي رپورٽ ڪرائي بااثر سياسي ماڻهن جو نالو استعمال ڪري لاڙڪاڻي ۾ به قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته پاپوليشن آفيسر قمبر شهدادڪوٽ جي ضلعي آفيسر ڪريم بخش ڀٽو ۽ اورنگزيب ڀٽو کي هٽائي سندن جاءِ تي 19 هين گريڊ جي آفيسرن کي مقرر ڪري ملازمن جا پروموشن ڪري اپ گريڊيشن بحال ڪري ٽائيم اسڪيل ۽ رسڪ الائونس بحال ڪيو وڃي، ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ريگولر ڪيو وڃي، گھوٽڪي ضلعي جي 11 ملازمن جون 5 سالن کان روڪيل پگهارون جاري ڪيون وڃن، سرڪاري نوڪريون سياسي بنيادن بجاءِ ميرٽ تي ڏنيون وڃن، ڊپٽي ڪمشنرن بجاءِ ادارن جي سيڪريٽرين معرفت ڪيون وڃن ٻي صورت 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو روڊن تي ڌرڻا هڻندا سون.
