ملير(ڊ.ر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ملير جا عارب پنهور ۽ يوسف عارفاني ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ روينيو، ايم ڊي اي ۽ اينٽي انڪروچيمنٽ جي سوين اٽالن اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري جي اڳواڻي ۾ چڙهائي ڪري ڪيترائي گهر ۽اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، ان موقعي تي علائقي واسين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو جنهن بعد پوليس پاران لٺ بازي ۽ آسو گئس جو استعمال ڪندي 10 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو ان موقعي تي دانهيندي ڳوٺاڻن چيو ته اسان جا ڳوٺ قديم ڳوٺ آهن جنهن کي ڊاهڻ وارو عمل غير قانوني آهي، اهڙي عملن جي اسين ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪيو ٿا هنن چيو ته عدالتي بهانو بڻائي اسان جي ڳوٺن کي مسمار ڪيو پيو وڃي اهڙو فيصلو اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ٻئي طرف واقعي خلاف اختر يوسف عارفاڻي ۽ سيد خدا ڏنو شاهه جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻا روڊن تي نڪري آيا ۽ پوليس ۽ ايم ڊي اي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڄاڻايل ڳوٺ قديم ڳوٺ آهن جن کي ڊاهڻ لاءِ عدالتي فيصلي جي آڙ ورتي وئي آهي اسان کي ان قسم جا فيصلا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن اسان جي اعليٰ عدالت ۽ ٻين وس وارن کي گذارش آهي ته ڳوٺاڻن جو موقف ٻڌو وڃي ۽ قديم ڳوٺن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
