نوابشاهه ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي سينيٽري مزدور يونين جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه ميونسپل ڪارپوريشن جي سينيٽري مزدور يونين پاران غريب ملازمن کي گهٽ پگهار ڏيڻ، ساليانو وردي الائونس ۽ ٻيون مراعتون نه ڏيڻ واري عمل خلاف رميش ڪمار، ڇوڌري لطيف مومل، افتخار مومل، غلام شبير ڀٽي، شعيب کوکر، نديم ڀرٽ جي اڳواڻي ۾ پورهيت مردن ۽ عورتن نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. انهي موقعي تي اڳواڻن چيو ته ميونسپل ڪميٽي ڪارپوريشن نوابشاهه جا ڪچا توڙي پڪا ملازم ۽ صفائي وارو عملو سڄي شهر جي گندگي صاف ڪري ٿو پر افسوس انهن جون پنهنجون زندگيون ڪامورڪي بيحسي ۽ ڪرپشن سبب مشڪلات ۾ گذري رهيون آهن هنن چيو ته حڪومت پاران پورهيت جي ماهوار پگهار گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار روپيا اعلانيل آهي پر ميونسپل ڪارپوريشن نوابشاهه وارا اسان غريبن جي پگهار مان به 12 کان 15 هزار في ڪٽوتي ڪري صرف 10 هزار روپيا ڏين ٿا اها پگهار به ٻن ٽن مهينن کانپوءِ ڏني وڃي ٿي سالان کان ڪم ڪندڙ بي پهچ پورهيتن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي سفارش تي رکيل ملازم مهينن ۾ پڪا ڪيا ٿا وڃن غريب ملازمن جي گريجويٽي ۽ ٻيون انڪريمينٽون هڙپ ڪيو وڃن ٿيون اسان جي غمي خوشي ۾ سرڪاري قرض به نٿو ڏنو وڃي ڪو پورهيت حق ۽ سچ چوي ٿو ته انهي جي بدلي ڪئي وڃي ٿي يا معطل ڪيو وڃي ٿو جيڪا سراسر زيادتي آهي هنن ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪارپوريشن نوابشاهه، سيڪريٽري ۽ صوبائي وزير بلديات کان مطالبو ڪيو ته سندن مذڪوره جائز مسئلا فوري طور حل ڪري کين رليف ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں