نوابشاهه ۾ نوجوان پورهيت محبوب گرگلو طرفان والد جي علاج لاءِ مدد جي اپيل

نوابشاهه(ڊ ر) سنڌ جي واهڻ واهڻ وستي وستي ۾ پيرين پنڌ وڃي علم ادب تاريخ ۽ فلسفي جا ڪتاب رعايتي اگهن تي وڪڻي حق حلال جي روزي ڪمائيندڙ نوجوان پورهيت شاهپور چاڪر واسي محبوب گرگلو جگر جي بيماري ۾ مبتلا پنهنجي پيرسن والد مٺو گرگلو، امڙ مسمات ملوڪان، ٻن ڀينرن ميران سميران ۽ ننڍي ڀاءُ شاهد گرگلو سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب پهتو جتي ميڊيا آڏو ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جو بابا سائين مٺو گرگلو محنت مزدوري ڪري اسان کي پنڻ ۽ ماڻهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران تعليم ڏياري اڄ منهنجو اهو با همت ۽ خود دار والد جگر جي بيماري ۾ مبتلا هئڻ سبب زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي هن چيو ته گمبٽ جي ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته بابا جي جگر جي پيوند ڪاري جيترو جلد ٿيندي سندس حياتي بچي ويندي پر ان علاج تي 10 کان 15 لک روپيا خرچ اچي ٿو پر اسان وٽ علاج ڪرئڻ جي سگهه نه آهي هن چيو ته نوابشاهه شهر ۾ انهي اميد سان آيا آهيون ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، ايم پي اي ادي فريال ٽالپر ۽ ڪيترن ئي غريب مسڪين هال مريضن جو ڀارت ۽ ٻين ملڪن مان علاج ڪرائيندڙ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري هن شهر جا تعلق رکن ٿا اسان انهن کان انهن آڏو هٿ ٻڌي اپيل ڪيون ٿا ته خدارا اسان کي پئسا نه گهرجن صرف بابا سائين جو علاج سندن حياتي بچائي وڃي ته اسان سڄي ڄمار انهن کي دعائون ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں