نوشهرو فيروز ۾ سياسي سماجي ڌرين جو، پبلڪ هيلٿ انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز( ڊ ر) نوشهروفيروز جي سياسي سماجي ڌرين انجنيئر پبلڪ هيلٿ پاران پمپنگ اسٽيشنن جو تيل بند ڪري شهرن ڳوٺن کي گندي پاڻي ۾ ٻوڙڻ ۽ ٺيڪيدارن کي ڪروڙين رپين جا ايڊوانس بل ڏيڻ واري عمل خلاف علي شيرسيال ، وزيرعباسي ، نواب مهر،ڌڻي بخش دونگهه، قاسم سولنگي ۽ ٻين مٺياڻ نوشهروفيروز روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر عنايت الله ميمڻ،ٽينڊر ڪلارڪ غفورملڪ خلاف نعري بازي ڪندي چيوآهي ته نوشهرو فيروز شهر سميت سٺي ضلعي اندر هلندڙ پمپنگ اسٽيشن جو تيل هٿ سان بند ڪري نوشهروفيروز جي مٺياڻي روڊ سميت شهر کي گندي پاڻي جي حوالي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته تازو سنڌ حڪومت پبلڪ هليٿ کاتي نوشهروفيروز ڏانهن 20 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ رقم موڪلي آهي .جيڪا پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر عنايت الله ميمڻ پنهنجي ٽينڊر ڪلارڪ غفور ملڪ سان ملي ڪري هڪ هفتي اندر 13 ڪروڙ رپين جي رقم ڪجهه ٺيڪيدارن ياسين چانڊيو،اقبال شيخ،اميرحيدرملاح،سيد رکيل شاهه،آصف ڀٽو،فياض اڄڻ ۽ ٻين کي بنا ڪم ڪرائڻ جي ايڊوانس ڏئي ڇڏي آهي جيڪي بل وٺي هر دفعي جيان هن واري به بنا ڪم ڪرائڻ جي غائب ٿي ويا آهن ان ڪري اسان نيب ۽ ايف آءِ اي جي عليٰ عملدارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته پبلڪ هيلٿ نوشهروفيروز مان جاري ڪيل 13 ڪروڙن جي جاچ ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي پبلڪ هيلٿ کاتي نوشهروفيروز جي انجنيئر عنايت الله ميمڻ چيو ته جون کان وٺي ترقياتي ڪمن جا بل ناهن ٿيا تازو آيل رقم مان ٺيڪيدارن کي 6کان 7 ڪروڙ جا بل ڏنا آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي اسڪيمن تي ڪم ڪري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں