پي ٽي آءِ طرفان شريف خاندان تان ڪرپشن ڪيسز ختم ٿيڻ خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف شهباز شريف، مريم نواز، حمزا شهباز ۽ ٻين جي ڪرپشن ڪيسز ۾ بريت خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ فواد چوڌري لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران ان ڳالهه جو اعلان ڪندي چيو ته شريف خاندان جي مختلف ڪيسن ۾ ضمانت ۽ بريت خلاف تحريڪ انصاف آرٽيڪل 184 تحت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ هڪ پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي ان ۾ اسان ڌر بڻباسين. فواد چوڌري چيو ته اسان جو موقف آهي ته مريم نواز، شهباز شريف، حمزا شهباز جي ڪرپشن ڪيسز سپريم ڪورٽ ۾ کوليا ويندا، جنهن نموني سندن اپيلون فائل ٿيون ۽ انهن تي فيصلا ٿيا سپريم ڪورٽ ان تي نظرثاني ڪري، شريف خاندان ملڪ تي ايڏا وڏا راتاها هنيا آهن اهڙي نموني جيڪڏهن هو سڄي دولت برطانيا کڻي ويندا ته هتان جي ويهه ڪروڙ عوام جي حقن تي جيڪي راتاها هنيا ويا آهن انهن جو حساب ڪير ڏيندو؟ هن سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته جنهن نموني عمران خان جي نااهلي وارا ڪيس تيزي سان ٻڌا پيا وڃن اهڙي طرح سندن درخواست کي به تيزي سان ٻڌو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں