ڪوٽڙي:يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر ۾ استاد بخاري ڪٺ جون سرگرميون جاري،زبردست ڀيٽا پيش

ڪوٽڙي (رپورٽ:وقار علي هيسباڻي( ڪوٽڙي يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر طرفان سنڌ جي نامياري عوامي شاعر استاد بخاري کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ 6 ڏينهن واري استاد بخاري ڪٺ جون سرگرميون چوٿين ڏينهن به جاري رهيون ويھڪ ۾ گفتگو ۽ ڪلام سرائڪي ۾ پيش ڪيا ويا. روزانو ڏينهن جو 2 وڳي کان شام 6:00 وڳي تائين جاري رهندڙ ڪٺ ۾ ڄامشورو جي يونيورسٽين جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ،آفيسرن، ملازمن توڙي هر مڪتب فڪر جي ماڻهن جي وڏي شرڪت  جڏهن ته تٿ جي چوٿين ڏينهن جي پهرين فڪري ويهڪ جنهن جو موضوع زردار ڏي بک نهين لهندي هو.جنهن ۾ گلڻ ڀنڊ، محمد بخش ٿهيم، قادر داد خشڪ، ڊاڪٽر عبدالفتاح دائوپوٽو استاد بخاري جي سرائڪي شاعري تي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي گلڻ ڀنڊ ويهڪ کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته استاد بخاري جي سرائڪي شاعري به ڪمال جي آهي هن اڳ سرائڪي جا شعر ٻين هنڌا کڻندا هئاسين استاد بخاري سرائڪي شعر ڏنا استاد جي پسگردائي ۾ رهندڙ سمورا سرائڪي ڳالهائيندڙ هئا  سندس سرائڪي شاعري جي شعوري اڏار تمام وڏي آهي ۽ هو زمين تي رهندڙ ۽ زمين جي ماڻهن جو تمام وڏو شاعر آهي  کيس هن قسم جي زبردست ڀيٽا تي اداري ۽ ڪٺ منتظمین جس لهڻن قادر داد خشڪ چيو ته  استاد بخاري لوڪ جو شاعر آهي، کيس مرتئي کان پوءِ هي پهريون ڀيرو آهي جو کيس هن قسم جي شاندار لوڪ ڀيٽا ڏني پئي وڃي سرائڪي جو هڪڙو وڏو تسلسل آ سچل بيدل ۽ ٻيا ڪيترائي نالا جن جي سرائڪي ۾ شاعري ڪمال جي آ استاد به ان ۾ پاڻ ملهايو آ هن هن جا سرائڪي ڪلامن ۾ سنڌ جو عڪس آهي ماضي جو به ته مستقبل جو به   محمد شريف ٿهيم ڳالهائيندي چيو ته استاد بخاري جي شخصيت، شاعري ۽ ان جي موسيقي تي هي پروگرام تمام سٺو سنئون آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج ۾ هن قسم جي پروگرامن جي شديد کوٽ آهي. پنهنجي عوامي شاعر کي هن دل کي وڻندڙ عوامي پروگرام سان ڀيٽا پيش ڪرڻ تي دلي خوشي ٿي آ استاد شاعري ۾ مايوسي بجاء همتن جي ڳالھ ڪئي آ هن جهڙ جهنگ بحر کي تي زبردست لکيو آ هن قسم جي ڀيٽا اڳ ناهي ملي سندس سرائڪي شاعري تي اهڙي ويهڪ سان نوجوانن کي وڏي ڄاڻ ملندي ڊاڪٽر فتاح دائوپوٽو ڳالهائيندي چيو ته استاد رڳو سنڌ نه پر جنهن سنڌو جو پاڻي پيتو انهن جو شاعر آ سندس سرائڪي شاعري ۾ فڪر آ اهڙو فڪر جنهن دردن جي عڪاسي به ڪيل آهي ته همت ۽ حوصلي ڏيڻ جي ڳالھ به ڪيل آهي استاد جي شاعري ۾ ڍڳن ڍورن وڻن ٽڻن سميت سنڌ جي سڀني شين کي شاعري ۾ قيد ڪيو آهي اڄوڪو تٿ ۽ ڪلام سرائيڪي ۾ رکيا ويا ته جيئن استاد جي سرائڪي شاعري کي به عام ڪري سگهجي سمجهي سگهجي استاد نج پج عوامي شاعر آهي اسين به عام آهيون هي ادارو به عام آهي ان ڪري هن کي ڪٺ جو نالو ڏئي عوامي ميڙ گڏ ڪيوسين ته جيئن عام ماڻهون اچي ۽ ٻڌي سگهي، جڏهن ته ٻي نشست هانڍي جي ٿي جنهن ۾ استاد غلام شبير شاهاڻي ۽ ظاهر مٺو  استاد بخاري جي سرائڪي  گيتن ۽ ڪلامن کي نين ڌنن ۽ نئين انداز ۾ پيش ڪري شريڪ ماڻهن کان ڀرپور داد وصول ڪيو پروگرام دوران بڪ اسٽالن تي ڪتابن جي شوقينن جي وڏي رش رهي. فڪري ويهڪ ۾ شريڪ مهمان کي ثقافتي اجرڪ تحفي طور پيش ڪيا ويا. جڏهن پنجين ڏينهن جي ٿيندڙ نشست ۾ عبدلموئمن ميمڻ، دلدار جانوري، مخمور بخاري مهمان هوندا جڏهن ته استاد رفيق فقير، ۽ خادم سخيراڻي استاد بخاري کي راڳ ذريعي ڀيٽا پيش ڪندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں