ڪوٽڙي(ن س)ڪوٽڙي توڙي سائيٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ايس ٽي پي پاران ڪوٽڙي اور ھيڊ برج وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي زوردار نعاري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن بادل نوحاڻي ـ يونس اوٺو ـ امجد مستوئي ـ سڪندر بليدي ـ مصطفي شاھاڻي ۽ ٻين چيو ته ڪوٽڙي توڙي سائيٽ ۾ بدامني چوٽ چڙھي وئي آھي قتل ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھي پر پوليس اگھور ننڊ پيل آھي ھاڻ تي پوليس اھلڪارن کي به سرعام قتل ڪيو پيو وڃي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته وڌندڙ بدامني تي ضابطو آندو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو ..
