اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو ڀرسان الائينس شوگر مل ۾ هڪ ڏينهن اڳ مبينا طور تي تشدد بعد قتل ڪيل نوجوان محمد جنيد ملڪ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام عبدالفتح سميجو . الياس ملڪ ڄام معشوق سميجو پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن علي نواز سپيو اڪبرگنب.ايڊوڪيٽ ساجدعلي دايو ۽ ايڊوڪيٽ اختر ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آهي جيڪا شهر جي مين چوڪ تي پهتي جتي مظاهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جڏهن ته انهي موقعي تي مٿي ڄاڻايل اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته الائيس شوگر مل جي انتظاميا نوجوان جي قتل ۾ ملوث آهي جنهن کي بيدردي سان تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري ڪيميڪل واري تلاءَ ۾ اڇلايو ويو آهي مگر هڪ ڏينهن گذرڻ باوجود به اوٻاوڙو پوليس ڪنهن مل جي ڇوڪيدار کي به گرفتار ڪري نه سگهي آهي اوٻاوڙو پوليس کي گهرجي ته ونگار وهڻ بجائي سيڪورٽي جي(ر) ميجر ملهي کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ هن مهل تائين خبر ناهي پئجي سگهي ته ڇو نوجوان کي بيگناه قتل ڪيو ويو آهي نه هن مهل تائين فيڪٽري انتظاميا خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪڏهن اوٻاوڙو پوليس واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته ٻيهر قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويندو ۽ شوگرمل انتظاميا خلاف سيشن ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪرائي ڪيس داخل ڪرايو ويندو ۽ نڪتل ريلي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ختم ڪيو ويو آهي
