جيڪب آباد (رپورٽ:صاحب خان چانڊيو) جيڪب آباد ۾ سنڌ ملاح فورم طرفان فشريز کاتي خلاف هيڊ آفيس کان پريس ڪلب تائين ضلع صدر الطاف ميراڻي، رئيس غلام مرتضيٰ ميراڻي، زاهد ميراڻي جي صدارت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ۾ نيشنل پارٽي صوبائي اڳواڻ مختيار بلوچ، شاهد جوادي، اي پي سي جي شعبان ابڙو ۽ ملاح، ميربحر، ميراڻي برادري جي ننڍن وڏن شرڪت ڪئي. مظاهرو ڊي سي چوڪ پهتو جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته فشريز ڊپارٽمنٽ ۾ پنج سال کان چڪر ڪاٽيون پيا پر لائيسنس ٺاهي نه ٿو ڏنو وڃي ٿو، موجود عملو رشوت جي بازار گرم ڪري ويٺو آھي، رشوت ڏيو پوءِ لائيسنس ٺاهي ڏينداسين ، ڪھڙي قانون ۾ لکيل آھي جائز حق ۾ به رشوت ڏيون، اسين مهاڻا ابن ڏاڏن کان هي ڪاروبار ڪريون ٿا لائيسنس اسان جو جائز حق آھي پر ھتي سالن کان موجود عملو بااثر کان ڏيتي ليتي ڪري انهن کي لائيسنس ٺاهي ڏي ٿي جڏهن به آفيس وڃون ٿا پنج سالن کان صرف دلاسا ڏنا وڃن ٿا آخر اسان پورهيت سان ايڏو ظلم ڇو ڪيو وڃو ٿو اسين اهو پورهيو ڪري پنهجو پيٽ پاليون ٿا اسين سپريم ڪورٽ، ۽ ٻين ادارن کي اپيل ڪيون ٿا فورن نوٽس وٺي ڪرپٽ ڪامورن کي فورن هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪرن ته جنهن هر پورهيت کي جائز حق ملي سگهي.
