دادوءَ لڳ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي تان ڪرڻ سبب 8 پورهيت زخمي

دادو(ڊ ر) دادو ڀرسان انڊس هاءِ وي مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي تان 8 مزدور ڪري زخمي. واقعي جي اطلاع تي مخدوم پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو.زخمين ۾ ببلو پٽ حسن خشڪ، صدام پٽ خير محمد خشڪ، خالد پٽ بشير خشڪ، اختيار پٽ بخشل خشڪ، حميد پٽ امام بخش خشڪ، گلابي پٽ اسماعيل چانڊيو، حاجي پٽ بھارو مڱڻھار ۽ ٻيا شامل آھن، زخمين مان 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي جن کي سيوھڻ ريفر ڪيو ويو، حادثي جو ڪارڻ مخدوم بلاول پوليس موجب ڪي اين شاھ کان دادو ايندڙ ٽريڪٽر ٽراليون ھڪ ٻئي کي اوور ٽيڪ ڪندي حادثو پيش آيو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں