سانا چونڊن جو نتيجو پڌرو، مقبول هاليپوٽو صدر، مشتاق راڄپر جنرل سيڪريٽري طور ڪامياب

نيويارڪ (خاص رپورٽ) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي چونڊن جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن. سانا اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نتيجن مطابق مقبول هاليپوٽو پينل زبردست مقابلي کانپوء سوڀ ماڻي آهي. چونڊن ۾ مقبول هاليپوٽو 920 ووٽ کڻي صدر چونڊجي ويو، جڏهن ته سندس آڏو بيٺل غلام محي الدين ميمڻ مورائي 674، احمد سلطان لغاري 329 ووٽ حاصل ڪيا. چونڊن ۾ هاليپوٽو پينل جو مشتاق راڄپر 991 ووٽ کڻي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ ارم قلباڻي 928 ووٽ حاصل ڪيا. اصغر پٺاڻ 964 ووٽ کڻي نائب صدر چونڊجي ويو، سندس مقابلي ۾ اشفاق علي رضا سيهڙ 808 ووٽ ۽ شعيب ڀٽو 135 ووٽ حاصل ڪيا، علي خاصخيلي اڳ ئي جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي چڪو هو. شاھدہ شيخ 1195 ووٽ کڻي عورت نائب صدر چونڊجي وئي. سندس مقابلي ۾ ڪوشي بنساري 699 ووٽ حاصل ڪيا. افتخار ميمڻ 1033 ووٽ کڻي انفارميشن سيڪريٽري جي عھدن تي ڪامياب ٿي ويو. سندس مقابلي ۾ چندر شيخر هراماڻي 872 ووٽ حاصل ڪيا. راھل ڀيماڻي 992 ووٽ کڻي نائب صدر ڪئناڊا چونڊجي ويو. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ اويس لغاري 913 ووٽ حاصل ڪيا. اعجاز ميمڻ 957 ووٽ کڻي خزانچي چونڊجي ويو. سندس مقابلي ۾ سنويا محسن ٻگهيو 946 ووٽ حاصل ڪيا. سرھاڻ سميع ميمڻ 973 ووٽ کڻي يوٿ لاء نائب صدر طور چونڊجي وئي. جڏهن ته فضى شيخ 938 ووٽ کڻي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں