ڪراچي (بيورو) سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن هن وقت صوبي جي 12 ضلعن ۾ فائونڊيشن اسسٽيڊ اسڪولن جي استادن کي اِي سي سي اي (ا ابتدائي ننڍپڻ جي سارسنڀار ۽ تعليم ECCE-) جي استادن صلاحيتن ۾اضافي جي تربيت فراهم ڪرڻ ۾ مصروف آهي. پيرائتي خبر موجب، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ، صوبي جي 12 ضلعن ۾ پنهنجي فائونڊيشن اسسٽيڊ اسڪولن جي استادن کي تربيت ڏئي رهي آهي ته جيئن انهن جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪري سگهجي. هي تربيت 02 مرحلن تي مشتمل آهي جتي 70 استاد اي سي سي اي جي تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. هي تربيت صوبي جي 12 ضلعن جي 34 مرڪزن ۾ ڏني پئي وڃي. پهرين مرحلي ۾ اها تربيت ٺٽي، سجاول، حيدرآباد، مٺي، سانگهڙ ۽ دادو ضلعن جي 17 سينٽرن ۾ ڏني وئي، تربيتي ورڪشاپ 02 کان 11 ڊسمبر 2022 تائين جاري رهيو ۽ ٽريننگ جو ٻيو مرحلو ضلعي عمر ڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، ڄامشورو، سيوهڻ شريف ۽ دادو جي 17 مرڪزن ۾ جاري آهي ٽريننگ جو مقصد استادن کي ابتدائي ننڍپڻ جي سارسنڀار ۽ تعليم (ECCE) جي اهم پهلوئن جي تفصيلي ڄاڻ مهيا ڪرڻ آهي، جنهن ذريعي انهن کي ECCE جي فلسفياڻي بنيادن، ضروري تدريسي طريقن، 4 کان 5 سالن جي عمر جي شاگردن جي لاڳاپيل تشخيصي ٽولز ۽ طريقيڪار بابت آگاهي ڏيڻ آهي. هن تربيت جو مقصد استادنکيECCE جي سکڻ جي سازگار ۽ تعليمي ماحول کي پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي ته جيئن لاڳاپيل اهم سکيا وارن شعبن جي صلاحيتن کي تيار ڪري سگهجي جن ۾ لسانيات، رياضي، ذاتي سان گڏ و گڏ اسان جي آس پاس جي دنيا ۽ صحت، حفظان صحت ۽ حفاظت جا موضوع، سماجي ترقي ۽ ٻار جي مجموعي ترقي جا بنيادي حصا پڻ شامل آهي. ٽريننگ ڪلاس روم ۾ مائڪرو ٽيچنگ جي طريقن تي پڻ زور ڏئي ٿي ته جيئن شرڪت ڪندڙن جي صلاحيتن کي وڌايو وڃي. ECCE ٽريننگ کي ٽيچنگ لرننگ مواد (TLM). ذريعي پڻ تقويت ملي آهي ٽريننگ کان پوءِ، تربيت جي اثرن جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪلاس روم جي مشاهدي جي نگراني جو طريقو ۽ ٽولز پڻ متعارف ڪرايا ويا آهن ته جيئن تربيت جي اثر جو اندازو لڳايو وڃي. تربيت جي آخري ڏينهن ۾ ايس اي ايف جي ڀائيوارن، هيڊ ٽيچرز لاءِ اورينٽيشن پڻ شامل آهي. جڏهن ته ٽريننگ جي شرڪت ڪندڙن ۽ ٽرينرز کي SEF جي اعليٰ انتظاميا، گڏوگڏ ايم ڊي ايس ايس اي ايف جناب عبدالڪبير قاضي، ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آپريشنز محترمه صدف انيس، ڊائريڪٽر پروگرام اينڊ پلاننگ مسٽر عبدالجبار مري ۽ ڊائريڪٽر ٽريننگ اينڊ.اسيسمنٽ محترمه سارہ مرتضيٰ مختلف مرڪزن تي وڃي سندن حوصلا افزائي ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ فائونڊيشن جي علائقائي ۽ ضلعي انتظاميا پڻ سينٽرن ۾ موجود آهي.
