حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ نامور قانوندان ۽ لاءِ جي پروفيسر ايڊووڪيٽ اياز لطيف پليجو سان سي پيڪ سيڪيورٽي ايڪسپرٽ ڪرنل شير محمد ٿيٻو ۽ واپڊا، حيسڪو جي فارمر جي ايم ۽ ايڪس ڊائريڪيٽر انويسٽيگيشنز اينڊ ھيومن ريسورسز طارق مجيد ميمڻ، سنڌ نيشنل فرنٽ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ مرحوم ممتاز علي ڀٽو صاحب جي اھم ساٿي محمد پريل ٻگھيو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پوٽي ۽ سياسي اڳواڻ مجتبيٰ حيدر جتوئي جي ملاقات، سنڌ ۽ ملڪ جي جي اھم اشوز تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي لاءِ سنڌ سندن بزنس ۽ ذاتي پراپرٽي آهي، ۽ ان ڪاروبار ۾ جڏهن کين ٿورو منافعو ملندو ته کيس وڪرو ڪندا، اقتدار ملڻ کانپوءِ حڪمرانن کي عوام ياد نه ھوندو آھي. سنڌ سان ھر دور ۾ دوکو ٿيو آھي. ڪيل واعدن تي ھڪ سيڪڙو به عمل نه ڪيو ويو آھي. جنھن ڪري سنڌ وڌيڪ تڪليفن ۾ آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته پندرهن سالن کان حڪمراني ڪندڙ پ پ پ سرڪار سنڌ کي سهولتون ڏيڻ بدران تباهي ۽ بربادي جو سبب بڻيل رهي سنڌ جي عوام کي ڪنهن به قسم جي ڪا به بنيادي سهولتون ميسر ناهي نه پيئن جي لاءِ صاف پاڻي ميسر آهي نه صحت ۽ تعليم جون سهولتون آهن. اسپتالون ۽ اسڪول ويران پيل آهن. پ پ پ صرف وڏيرن ۽ جاگيردارن جي پارٽي آهي ان وٽ هاڻي عوام لاءِ ڪوبه پروگرام ناهي ان ڪري سنڌ جي عوام کي هاڻي قومپرست ۽ وطن دوست ڌرين جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. سنڌ هن وقت انتهائي مشڪل صورتحال مان گذري رهي آهي. برساتي ٻوڏ متاثرين هن وقت انتهائي عذاب واري وقت مان گذري رهيا آهن لکين ٻوڏ متاثر اڃا بي گھر، بيمار ۽ بيروزگار آھن، سنڌ ۾ ڏوھن ۽ ڪرپشن جي نئين لھر آھي ۽ صوبائي، وفاقي سرڪارون لاتعلق بڻيل آھن سنڌ حڪومت ۽ انتظامي مشينري روايتي ڪامورڪي چالاڪي ۽ مڪاري جو مظاهرو ڪري رھيا آھن.بي حس بي شرم حڪمرانن برسات ۽ ٻوڏ متاثرين کي دربدر ڪري بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي.
