ڄامشورو(پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 105 سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن بعد منعقد ٿيل فڪري ويهڪ کي خطاب ڪندي مقررن ڊاڪٽر اين اي بلوچ کي علم ۽ ادب جو علمبردار قرار ڏيندي سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ لوڪ داستانن جي رچاءَ ۽ تحفظ لاءِ سندس شاندار ۽ قيمتي خدمتن تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. سندن چوڻ هو ته سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ کي محفوظ رکڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ پرڳڻي جي ڪنڊ ڪڙڇ جو دؤرو ڪيو ۽ سنڌ بابت هر شئي کي اکين سان پرکي ان کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ سموري زندگي محنت ڪندي گذاري. اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر اين اي بلوچ چيئر پاران منعقد ڪيل 105 سالگرهه جي تقريب ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ بعد فڪري ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته سنڌي لوڪ ادب جي اوسر لاءِ ڊاڪٽر بلوچ جون وڏيون خدمتون آهن. هن هڪ ماڻهو هوندي ادارن جو ڪم سرانجام ڏنو، جيڪو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ اڄ به اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي ڊاڪٽر بلوچ جي نقش قدم تي هلي رهيا آهن، پر هو علمي ۽ ادبي ميدان ۾ ٿوري پنڌ بعد ٿڪجي پون ٿا. ڊاڪٽر بلوچ ڪڏهن ڪو نه ٿڪو ۽ جنهن ڪم ۾ هٿ وڌائين، ان کي توڙ تائين پهچايائين. ڊاڪٽر فياض لطيف جو چوڻ هو ته لوڪ ادب تي ڊاڪٽر بلوچ جيڪو ڪم ڪيو، ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي. علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ دوستن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر فياض لطيف اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيئر پاران ايندڙ سال فيبروري ۾ لوڪ ادب تي ملڪي سطح جي ڪانفرنس منعقد ڪرائي ويندي. نامور اديب نفيس احمد ناشاد چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ سان سندس ويجهڙائپ رهي. هو پنهنجو علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم به سرانجام ڏيندو رهيو ته زماني جا ڪم ڪار به ڪندو رهيو ۽ پنهنجن همعصرن جي اجائي تنقيد ۽ زخمن کي به بردباريءَ سان منهن ڏنو. هن چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ کي ماڻهو بهترين محقق ۽ ليکڪ طور سڃاڻن ٿا، پر سندس شخصيت جو هڪ ٻيو اهم تعارف اهو به آهي ته هن زندگيءَ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ جي نه ڪا برائي ڪئي ۽ نه ئي کيس ذاتي تنقيدن جي صورت ۾ ڪو جواب ڏنو. سندس دليل ذاتي مشاهدن ۽ تحقيق تي ٻڌل هوندا هئا. سينيئر صحافي ۽ شاعر نياز پنهور چيو ته اڄ اسان جنهن لوڪ ادب، سنڌي ڊڪشنري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ تي فخر ڪريون ٿا، ان جو ڪريڊٽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ طرف وڃي ٿو. هن چيو ته پرڏيهه مان پي ايڇ ڊي ڪري ايندڙ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ٻهراڙين ۾ وڃي عام ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو هو ته جيئن هو لوڪ ادب کي سرجي سگهي. هن چيو ته وڏي ماڻهوءَ جي اها ئي نشاني آهي ته سندس شخصيت ۾ ڪا وڏائي نه هجي ۽ هو هر ڪنهن کي ٻڌي ۽ ادبي ڪچهريون ڪري. هن چيو ته علم جو موضوع ڊاڪٽر بلوچ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم هو. تعليمي ۽ ادبي ڪم سرانجام ڏيڻ سندس شوق هو. نياز پنهور جو چوڻ هو ته علامه آءِ آءِ قاضي جو ساڄو هٿ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام ۾ به اين اي بلوچ علامه قاضيءَ سان گڏ گڏ رهيو. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جو هر موضوع تي ٿيل ڪم ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي. ڊاڪٽر ريحانا نظير ملاح چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ جو علمي ۽ ادبي ڪم تمام گهڻو وسيع آهي. سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جا ڪم الڳ سهيڙي هن رسالا تيار ڪيا، جيڪو وڏو ڪارنامو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ جو ڪم ڏسي کيس حيرت ٿئي ٿي ته سندس دور ۾ انٽرنيٽ ۽ ٻيون سهولتون نه هئڻ باوجود هن ڪيئن ايڏو وڏو ڪم ڪيو. هن چيو ته ٿر مان هو 42 قسمن جا لوڪ گيت سهيڙي کڻي آيو، سنڌ جي عورتن تي هن “سنڌ جون مانائتيون مايون” جي سري هيٺ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن 6 عورتن جو تفصيل سان تعارف پيش ڪيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته سنڌ جي ثقافت، ٻولي ۽ لوڪ داستانن جي تحفظ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون شاندار خدمتون آهن، جن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ٻين سڀني ڪمن سان گڏ جيڪو سنڌ جي ماضيءَ کان حال تائين جاگرافي تي ڪم ڪيو اهو تاريخي ڪم آهي جنهن تي نه رڳو اسان پر اسان جو ايندڙ نسل به ٿورائتو رهندو. دعا آهي ته ٻيو محسن پيدا ٿئي جيڪو بلوچ جي هن ڇڏيل تحقيقي ڪم کي اڳتي وڌائي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄامشوري جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڏي جاکوڙ ڪري سنڌي لسانيات، لغت، لوڪ ادب جي ڪم جيڪو ڪم ڪيو اهو اسان لاءِ وڏو ذخيرو ۽ نئين تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ رهنما جو درجو رکي ٿو. سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي باني چيئرمين عاجز رحمت الله لاشاري ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تاريخ ساز شخصيت هو جنهن علم ادب، لسانيات، لطيفيات، لوڪ ادب، ثقافت، تاريخ ۽ جاگرافي تي تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن تي کيس ڀيٽائن جا ڪيترائي پهلو آهن پر هن سگهڙائپ ۽ لوڪ ادب ۾ جيڪو ڪم ڪيو اهو سنڌي قوم تي وڏي ٿوري کان گهٽ ناهي، ڇاڪاڻ ته امير قوم جو شاهوڪار ادب تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ان جو لوڪ ادب شاهوڪار هوندو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ علي محمد بلوچ ڳالهائيندي چيو بابا سائين سنڌي قوم جي لاءِ پنهنجي حصي جو ايڏو وڏو ڪم ڪري ويو آهي ان جو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ سندس تحقيقي ڪم تي به تحقيق ڪري ان کي مڪمل ڪري سگهجي ٿو. فڪري ويهڪ کي ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ارشد بلوچ، ڊاڪٽر رفيق بلوچ، پروفيسر انور منصور مڱريو، پروفيسر بينظير جوڻيجو، حافظ احمد انڍڙ، ممتاز پنهور، اصغر سيال، سليم الله لاکو، سليم الله صديقي، دودو ديشي ۽ ٻين پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. ان کان اڳ اديب ۽ دانشور سندس مزار تي پهتا، جتي هنن حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ سندس مغفرت لاءِ ڌڻيءَ در اجتماعي دعا پڻ گهري.
