رياض ابڙو
”سياست اڻٽر آ جي توهان نه ڪندوءُ ته توهان جي مٿان ڪو ٻيو اچي ڪندو“ ان ڪري سياست ڪيو ۽ رياست کي سمجهو ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي ڪيو، ڌرتي ڄاوا هوندي ڌرتي جي ڄاون سان سچا ۽ پڪا پختا واعدا ڪيو ۽ پاڙيو، ان ڪري جو هر سچو سياستدان ۽ اڳواڻ پنهنجي گونگي قوم جو آواز هجي ٿو جيڪو پارليامان ۾ گونجي ٿو ۽ اهو سچي اڳواڻيءَ وارو آواز غريبن جا درد کڻي اعلي اختيارين سان مهاڏو به اٽڪائي ٿو، پر اسان وٽ الميو اهو به رهندو آيو آهي ته پارليامان واري سياست ڪري ڪري سياستدان اهي سڀ ٺڳيون ۽ ڪوڙ سکي ٿا وٺن جيڪي انهن کي سياست بچائي ٿا ڏين ۽ اهي ڊگهي عرصي واري سياست ڪري ٿا وٺن، يا ائين به آهي ته اهي بنيادي طور اصلوڪا اڳواڻ هوندي قوم مان جان ڇڏائڻ جي لاءِ ”خراب حال“ بڻجي اهو سمجهائڻ چاهندا هيا (يا آهن) ته انهن جو سياست سان ڪجھ نه وڃي ۽ اهي سادا لوح ماڻهو آهن پر ڳالھ جي اهي اڳوڻ به ائين ڪندا ته پوءِ سياست ڪير ڪندو يا هڪ هڪ ڪري اسان جا اڳواڻ ماريا يا شهيد ڪيا ويندا ته پوءِ سياست ڪير ڪندو، يا اها به حقيقت آهي ته اڳواڻي ۽ سياستداني ڪنهن غريب ۽ ڀينگئي ماڻهو جو شيوو يا ڪم يا وس ناهي ان ڪري اسان وٽ ٻه وڏا سرٽيفڪيٽ هجن ٿا جن مان اها ڳالھ ثابت هجي ٿي ته سياستدان پهرين سواءِ ايماندار هجڻ جي ٻيو سڀ ڪجھ هجي ۽ ٻيو ته پئيسي وارو ۽ وڏو زميندار ۽ سرمائيدار هجي يا بهترين ڪرپٽ هجي ان ڪري اڳواڻي ۽ قومي ڌاري جي سياستداني ۾ چي گويريا ٿي رهڻ مان ڪجھ هڙ حاصل ناهي يا هڪ ٻي فنامنا اها به آهي ته هتي اهو ئي ماڻهو پائيدار سياست ڪري سگهندو جيڪو ايماندار نه هجي نه ته ٻي صورت اهو اڳواڻي يا سياست ڪرڻ جي به قابل نه هوندو ان ڪري اسان اٻوجھ قومن جي لاءِ اهو سوال رهجي ٿو وڃي ته 75 سال گذرڻ کانپوءِ اسان جي رياست کي سياست سمجھ ۾ ناهي آئي ۽ نه ئي سياست کي رياست سمجھ ۾ آئي، ان ڪري نمڪ حلالي ۽ نمڪ حرامي ڪرڻ ان ڪري آسان آ ته جي مليو ته روزي ۽ جي ٽريو ته بلا، ان ڪري انهن آشروادن جي نفي ڪرڻ آسان ٿي ٿي وڃي جن جي ڪلهن تي سوار ٿي اهي اڳواڻ ڪرسي ماڻي ٿا وڃن، يا هڪ ٻي ڳالھ اها به آهي ته اهي سياستدان رڳو هڪٻئي کي چريو ڪري سياست يا ڪرسي جي حاصلات لاءِ ڊوڙن ٿا پوءِ ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾، انهن جي سمجھ کان اها ڳالھ بالاتر آ يا سمجهڻ ناهن چاهيندا ته غلط ڪير آ، معني اهي پاڻ سياستدان، غريب ۽ اٻوجھ عوام يا رياستي اسٽبلشمينٽ، ان ڪري ته هيل تائين هڪ هڪ ڪري سياستدان پاڻ به اها ڳالھ مڃن ٿا ته رياست جي ڦند ۾ ڦير آ يا قانون غلط ٺهيل آهن يا آئين ۾ گڙٻڙ آ يا آرٽيڪل سياستدانن جي مرضي جا ناهن ٺهيل جيڪي انهن کي سپورٽ نه ٿا ڪن يا اهي قانون ۽ آئين ڪنهن هڪ خاص ڌر کي فائدو ٿا ڏين ۽ ٻئي کي نقصان، ان ڪري آئين، قانون ۽ آرٽيڪل به ڪي آلا لڪڻ آهن جيڪي جنهن مهل چاهن اهي سياستدان ڦيرائي، موڙي ڪري وٽي سگهن ٿا، ان ڪري آئين ۽ قانون هر سياستدان کي خراب ۽ فرسوده ٿا جيڪي ڪرسي تي ناهن يا اهي آئين ۽ قانون انهن وزيرن کي صفا سڌا ٿا لڳن جيڪي سرڪاري ڪرسين تي آويٺل هن باقي مخالف ائين ئي روڊن تي رڙيون ڪندا وتندا مثال جيئن هاڻي نيب جا قانون ۽ آرٽيڪل جيڪي هڪڙي عمران کي خراب ٿا لڳن باقي سڀ راضي لڳا پيا آهن.
ڀلا شروع ۾ جڏهن قومپرست سياست غلط هئي ته ان کي ڪنڊيم ڪن هان ۽ قوم ڪنهن ٻئي ڌنڌي سان لڳي هان يا جڏهن انهن قومپرست اڳواڻن کي ڪرسي نه ملي ته انهن پنهنجون پنهنجون ٽوليون ٺاهيون يا جيئن ڪانگريس ۾ مسلم اڳواڻن کي لفٽ نه ملي يا انهن انگريزن سان ڪا ٻه چاپڙاپ ڪئي ته انهن مسلم يا يوپي ۽ سي پي جي اڳواڻڻ جي به الڳ جماعت جڙي پئي، ائين ئي ڀلا جي قومپرست سياست غلط هئي ته اها ڳالھ اڳ ئي سمجهڻ کپندي هئي يا هاڻي جڏهن رياستي قانون، وٺ پڪڙ ۽ پڇا ڳاڇا وارا آئين ۽ آرٽيڪل ۽ قانون جاڳ پيا آهن يا سختيون وڌي ويون آهن يا خطي جي سياست ڪَرُ موڙيو آ (جنهن ۾ خاص سي پيڪ، آمريڪا جي ويڙھ، چين ۽ روس جي پاليسين جي سبقت) ته هاڻي سياستدانن به گانگٽ وارا رنگ مٽايا آهن معني انهن سڀني اڳواڻن، سياستدانن ۽ ڪامورن هيل تائين جيڪي مال ملڪيتون، قبضاگيريون، دهشتون، پلاٽن، بنگلن يا فليٽن يا زعي زمينن جا قبضا يا نجي عياشون يا ظلم زيادتون ۽ رتوڇاڻ يا ڪي دهشتگرديون ڪيون آهن اهي سڀ لئومٽئو، سڀ لٿ پٿ، سڀ ختم معني کيل ختم پائي هضم، هاڻي نئين سنئين کيل ۽ کلواڙ يا واري ساڳي ڳالھ ڪيون ته جيڪي به پاڇيءَ ۾ قوم پرست اڳواڻ بچي رهجي ويا آهن اهي پوءِ ڇا ڪن، سياست جا سجدا پيش ڪن يا عمران خان وانگي الله جا واسطا کڻي رياست جي آڏو قرآن مصاف کڻي بيهن يا فوجي اسٽبلشمينٽ کي وري ساڳي ٽياڪڙي واري وينتي ڪن ته ٻيلي هاڻي ڪرسي ڏيو جو سياست بچي رڳو ڪرسي جي آ، عوام پئي کڏ ۾، ان ڪري تاحيات ڪرسي تي ئي رهڻ ڏيو ڇو ته ڪرنٽينر تي رهڻ جي همت ناهي رهي يا هاڻي اهڙي نوبت به اچڻ نه ڏيو ان ڪري اسان جي سڀني اڳواڻن ۽ سياستدانن جو اهو اجتماعي وچن ۽ عهد آ ته سياسي نوڪري ڪبي ته سرڪاري ڪرسي واري ڪبي ان ڪري هر دفعي هي عمران خان (ٻيا سڀ به) به نوان نوان حربا ٿو هلائي ڪڏهن پاڻ ڏوهي ٿي بيهي ٿو رهي يا ڪڏهن باجوا صاحب جي مٿان سياسي ڪچرو اڇلائي سمجهي ٿو ته هن ايمانداريءَ جو سياسي وضو ڪري ورتو ۽ هاڻي هي سڀ ڪجھ وساري نئين سري سان سياست ڪرڻ گهري ٿو جيڪا ممڪن ناهي ان ڪري اڄ يا سڀاڻي هن کي به اها ئي سياست ڪرڻي پوندي جيڪيا رائج الوقت آ معني جيڪا هن پنهنجي سياست ڪرڻ کان اڳ ئي آزمائي ان ڪري هاڻي به اين آر او، مفاهمت، ڪرپشن، بي ايماني، ڪوڙ بدوڙ، ٺڳي، بد ديانتي يا مسلمان ملڪن سان هڪڙي ڳالھ ته وري ساڳي ڳالھ تي غيرمسلم ملڪن سان ٻيو رويو ڇو ته ٻيو ڪو رستو ناهي جيئن عمران خان پاڻ ٽي ايل پيءَ سان فرانس ۽ ڊينمارڪ واري ڳالھ تي ڪيو.
ان ڳالھ کان انڪار ناهي ته جيڪي به قومي ڌاري جي سياست ڪن ٿا اهي اسيمبلين ۾ ويهي ليگل ڪرپشن به ڪن ٿا يا ڀلا اها ڳالھ ڏسون ته جيڪي به ٻين قومن جا قومپرست اڳواڻ آهن اهي سڀ اسيمبلين ۾ ويٺا آهن جن ۾ لساني گروهن جا سرغنا جن ۾ ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ، اي اين پيءَ جا اڳواڻ، بلوچ قوم پرست ڌريون يا ڪجھ ٻيا گروھ ته پوءِ قوم پرست سياست جا هاڻوڪا سجدا به ساڀيان ٿين ان ڪري اسان ان ڳالھ کي منفي نه ٿا سمجهون ته جيڪي به قوم پرست پارليامان جي سياست ۾ اچن ٿا اهي سڀاڻي گھٽ ۾ گھٽ اهي موقف رکندا جيڪي اسان قومن جا درد آهن جن ۾ پاڻيءَ جي ورچ جي معاملن کان وٺي روزگار ۽ امن جا مسئلا يا اين ايف سي ايوارڊن کان وٺي سمنڊ جي ٻيٽن جا قبضا يا ٻئي ننڍڙا ننڍڙا مفاد ۽ بنيادي حق ۽ واسطا جن جي لاءِ اسان انهن قوم پرست ڌرين کي سدائين ڪڏهن بحريا ٽائون جهڙن غيرسنڌي رهائشي اسڪيمن کان وٺي افغاني شناختي ڪارڊن جي سخاوت تائين يا ڌارين جي آبادڪاري کان وٺي صوبي جي حقن تائين، ان ڪري هاڻي جي اهي هڪ هڪ ڪري قوم پرستي واري سياست ڇڏي جي اسيمبلين جا رخ ڪندا ته ماڻهو به انهن کي ۽ انهن جي سياست کي سڃاڻيندا ته اهي آهن جيڪي اسان جو آواز بڻبا هيا هاڻي نهن جي قول ۽ فعل ۾ ڪهڙو فرق آ يا هاڻي واري تناظر ۾ اها سياسي ڪنورجن واري ڳالھ ڪنهن طرح به منفي ناهي پر هاڻي ان ڳالھ جو دفاع ڪرڻ به ٻه پاسن واري واري ڳالھ کڻي ٿو اچي ته ڀلا هاڻي قوم پرست سياست کان انڪار ڇو آ؟ يا هاڻي پارليامان واري سياست جو جوش ۽ خروش ڇو آ؟ يا هاڻي اهڙا ڪهڙا مفاد ۽ سڻڀا ڳڀا نظر آيا آهن جيڪي پهرين اوجهل هيا پر دير آيد درست آيد، اسان هاڻي ان بحث ۾ به ناهيون ته ڪرپشن جي ڪيسن ۾ سڀني اڳواڻن جا ڪچا چٺا عوام جي آڏو پيش ٿيل آهن جن ۾ سوئس ڪائونٽن جي ڪيسن کان وٺي، وڪي ليڪس، پناما ليڪس ۽ براڊشيٽ جي ڦشرين تائين يا سڀاڻي ڪي ٻيون ليڪس يا آڊيو ليڪس کان وٺي بي هوده وڊيوليڪس تائين يا اهڙي ڪڌي ۽ بيڪار پارليمان واري سياست جنهن ۾ سڀني سياستدانن جا هٿ ٻڏل آهن جيڪي ”بهتي گنگا“ مان هٿ ڌوئي چڪا آهن ان ڪري هاڻي قسم کڻڻ واري ڳالھ ناهي رهي ته ڪير ڪرپٽ آ يا ڪير ناهي، يا اهو بحث ضرور آهي ”هر پڇاڙي هڪ نئين شروعات جو منڊ هوندي آهي“ ان ڪري اسان کي اهي سڀ شرط شروط به اکين تي پر هن قوم تي رحم ڪيو ۽ هن قوم جا حقيقي اڳواڻ بڻجو ته جيئن بلوچن وانگي هن صوبي جي ماڻهن جي پيرين هيٺان ڌرتي نه کسڪائي وڃي
