ڪراچي: سنڌ جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، سينئر صحافين، اديبن ۽ دانشورن سانا جي چونڊن ۾ مقبول هاليپوٽو پينل جي سوڀ تي عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. سوشل ميڊيا تي سانا جي چونڊيل باڊي کي مبارڪون ڏيندڙن ۾ سرور سميجو، اصغر باغي، منظور احمد، منظور مهيسر، چندر ڪيسواڻي، مهيش ڪمار، عبدالله سروهي، پرويز احمد قريشي، حميد راڄپر، مجتبى جوکيو، لياقت علي جماري، گلشن لغاري، رشيد چانڊيو، پريل دايو، سليم چانڊيو، خالد راڄپر، نزاڪت شاهه، عيسى انصاري، بخشڻ مهراڻوي، منير ڀرڳڙي، محمد يونس مهر، نديم وڳڻ، کيمچند آهوجا، ڊاڪٽر صفدر عباسي، غفار پنڌراڻي، اشرف ڪنڀر، عبدالعزيز سومرو، عرفان عباسي، دودو چانڊيو، لالا رحمان، محمد خان ٻٻر، مختيار سمون، سارنگ ڪلادي، هالار نواز، رميش راجا، عبدالمجيد چانڊيو، دليپ ڪماري ڪوٺاري، سريش ڪمار، ممتاز جروار، جڳديش آهوجا، مصطفى ميراڻي، خالد گل نظاماڻي، حذب الله منـڱريو، واحد پارس، وهاب منشي، ايڊوڪيٽ محبوب جوکيو، اعجاز قريشي، روبينا چانڊيو، عذرا ميمڻ، عبدالرزاق عمراڻي، حسن پٺاڻ، پروين موسى، خليل قاضي، مصطفى بلوچ، حاجن ڪلهوڙو، امين ارباب، ايم پرڪاش، ماجد حيدري ۽ ٻيا شامل آهن. هنن ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سانا جي نئين چونڊيل باڊي سنڌ جي مسئلن تي اثرائتو ڪردار ادا ڪندي. خاص ڪري پرڏيهه ۾ سنڌي ماڻهن جي سهائتا ۽ مدد لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.
