ڪراچي (بيورو) ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته مهرباني ڪري ڦورن سان مزاحمت نه ڪيو. ڪراچي ۾ يونيورسٽي روڊ تي اين اي ڊي يونيورسٽي جي شاگرد بلال ناصر جي قتل جي واقعي تي ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍي پريس ڪانفرنس ڪئي. هن چيو ته بلال ناصر جي موت کانپوءِ ايس ايس پي ايسٽ جي ٽيم ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٻين شاهدين جي مدد سان هڪ جوابدار نظام کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سندس عمر 16 سال آهي. هن چيو ته جوابدار نظام الدين افغان شهري آهي، جيڪو جمالي ڳوٺ جو رهواسي آهي، ٻئي جوابدار جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، ان کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته سندس مائٽن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ڏوهن ۾ واڌ جو سبب ملڪ ۾ وڌندڙ بيروزگاري ۽ غربت به آهي، جڏهن ته غير قانوني طور ڪراچي ۾ رهندڙ افغان شهرين کي قانون جي ضابطي ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي پوليس چيف وڌيڪ چيو ته شهر ۾ ٻارن سان زيادتي جا واقعا به وڌيا آهن، نومبر ۽ ڊسمبر ۾ 22 ڪيس ٿيا، جن ۾ 4 ٻارن کي قتل ڪيو ويو، 21 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جاويد عالم اوڍي چيو ته هلندڙ سال دوران زيادتي جي ڪُل 251 واقعن ۾ ٻار قتل ٿيا ۽ 251 مان 225 ڪيس حل ڪيا ويا، 233 جوابدار پڪڙيا ويا، هلندڙ سال 825 پوليس مقابلا ٿيا، 118 جوابدار پوليس مقابلن ۾ ماريا ويا، 937 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيا.
