لاڙڪاڻو پبلڪ هيلٿ اسڪول ۾ اي پي ايس پشاور جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پبلڪ هيلٿ اسڪول ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ اسڪول جي پرنسپال ڊاڪٽر سڪينه گاد، فيميل ٽيچرن ۽ شاگردياڻين نصرت، عائشه، ڊاڪٽر فريده، مريم، فرزانه سميت اسڪول جي عملي شرڪت ڪري گڏجي ميڻ بتيون ٻاري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي پرنسپال ۽ فيميل ٽيچرن چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جا شهيد اسان جا قومي هيروز آهن جن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا پر دهشتگردن آڏو نه جهڪيا، اڄ پوري ملڪ ۾ شهيدن جي ورسي ملهائي پئي وڃي جنهن تي اسين کين ڀيٽا پيش ڪندي اِهو عزم ٿا ورجايون ته شهيدن جي ڏنل قرباني کي ڪڏهن به نه وسارينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں