لاهور (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مان پنهنجي حڪومت ۾ بي وس هيس، جنرل باجوا فيصلا ڪندو هو ته نيب کي ڪنهن کي ڇڏڻو آهي ۽ ڪنهن کي اندر ڪرڻو آهي. وڪيلن جي ڪنوينشن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا فيصلا ڪندو هو ته نيب کي ڪنهن کي ڪيترو دٻائڻو آهي ۽ ڪنهن کي ڇڏڻو آهي. هن چيو ته هڪ هڪ ڪري ڪرپشن ۾ ملوث وڏا وڏا نالا آجا ٿي رهيا آهن، منهنجي دور ۾ انهن ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪيس مڪمل هئا پر نيب کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو هو، جنرل (ر) باجوا انهن سڀني کي اين آر او ٽو ڏنو. سندس موجب مون کي به اين آر او ڏيڻ جو چيو ويو پر مان سمجهان ٿو ته ڪرپٽ ماڻهن کي اين آر او ڏيڻ ملڪ سان غداري آهي، جيستائين ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جي بالادستي نه هوندي خوشحالي نه ايندي. عمران خان چيو ته پاڪستان جي معيشت کي ڪڏهن به اهڙي چيلنج کي منهن نه ڏيڻو پيو، جيترو اڄ آهي، واپاري برادري، هاري، مزدور سميت سمورا طبقا اڄ خوفزده آهن. هن چيو ته اها ڳالهه اسان لاءِ تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي آهي ته گذريل 7 کان 8 مهينن ۾ 7.5 لک پاڪستاني ملڪ ڇڏي ويا آهن، اهو انگ گذريل عرصي جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 7 ڀيرا وڌيڪ آهي. هن چيو ته قانون جي حڪمراني لاءِ وڪيلن جي وڏي ذميواري آهي، قانون جي حڪمراني عدليه ۽ وڪيلن جي آهي. حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون پنهنجي دور ۾ انهن ڪيسن تي پوري ڪوشش ڪئي ڇاڪاڻ ته انهن جا ڪيس پختا هئا پر نيب جي اندر مان ٻڌايو ته پٺاڻ کان اجازت ناهي ۽ جنرل باجوه به پٺيان اجازت نه ڏني.
