هوسڙي(رپورٽ: ڪامران سولنگي)ھوسڙي جي سياسي سماجي صحافي وڪيلن ۽ مختلف اسڪول جي شاگردن پاران ھوسڙي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ھلندڙ سرعام منشيات ھيروئن آئيس ڪچي شراب ۽ مين پوري گٽڪي سفينا z21 انڊين سوپارين خلاف ريلي جي صورت۾ ٽائون ڪميٽي ھوسڙي شهر کان مين روڊ ٽندو محمد خان تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ھوسڙي پوليس ۽ منشيات فروشن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ريلي جا اڳواڻ قادر ملاح ڊاڪٽر امرشي ٺاڪر وڪيل بشير احمد سيٺار ڊاڪٽر حسن لغاري مڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھوسڙي ۽ ان جي آسپاس جي علائقن ۾ ھوسڙي پوليس جي سرپرستي ۾ سرعام منشيات جا اڏا قائم ڪيل آهن منشيات جي واپرائڻ سان نوجوان بزرگ ننڍا ٻار ۽ شاگرد تباھ ٿي رھيا آھن اسان ڪافي ڀيرا منشيات خلاف درخواستون ۽ احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪرايا آهن پر ھوسڙي پوليس جا رکيلن منشيات فروشن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي منشيات ھيروئن آئيس واپرائندڙ نشي جا عادي نشو نه ملڻ ڪري راتن جو گھرن ۽ دوڪانن جا تالا ٽوڙي چوريون ڪندا آهن ان ڪري ھوسڙي ۽ ان جي آسپاس جي علائقن۾ روز بنا تي چوريون ۽ فورن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ ھنن وڌيڪ چتاء ڏيندي چيو ته ايس ايس پي حيدرآباد ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ آئي جي سنڌ ھوسڙي۾ ھلندڙ منشيات ۽منشيات فروشن خلاف ڪو اسرائتو قدم کڻي ھوسڙي ۽ ان جي آسپاس جي علائقن۾منشيات بند ڪرائين نه ته ٻئي سورت ۾ احتجاجي مظاهرو وسي ڪيو ويندو
