وزيراعظم شهباز شريف طرفان پي ٽي آءِ خلاف جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف خلاف جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومتي بيانيي تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ خاص مددگارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ حڪومتي ۽ سياسي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم تحريڪ انصاف خلاف جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ حڪومتي موقف کي سوشل ميڊيا تي به اجاڳر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف حڪومت جي ڪوتاهين کي اجاڳر ڪيو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران معاشي خامين کي به اجاڳر ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں