ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊوآدم ۾ پشاور سانحي ۾ شھيد ٿي ويل معصوم ٻارڙن جي ياد ۾ گورنمنٽ سنڌي مين پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر لکاڏنو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ۾ ڪڍي وئي جنھن ۾ ٽي اي او سيڪنڊري ميل علي اڪبر برھماڻي سميت استادن شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن لکاڏنو خاصخيلي . علي اڪبر برھماڻي . غلام رسول ٻجورو . امتياز خاصخيلي . سيد احسان شاھ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جو واقعو ڏکوئيندڙ آھي جنھن ۾ دھشتگردن معصوم ٻارڙن کي ٽارگيٽ ڪري نشانو بڻايو ان واقعي کي 8 سال گذري ويا آھن ليڪن معصوم ٻارڙن ۽استادن جي شھادت جو غم اڄ به تازو آھي ھن واقعي کي قوم ڪڏھن به وساري نه ٿي سگھي دھشتگرد ملڪ ۽ قوم جا غدار آھن جن کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو وڃي ھنن چيو ته پاڪ فوج دھشتگردي جي خاتمي لاء جيڪي قدم کنيا آھن اھي ساراه جوڳا آھن اسان سڀني کي گھرجي ته پاڪ فوج جو ساٿ ڏئي دھشتگردي جي خاتمي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيون اسان پشاور سانحي جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا .
