ڄامشورو (ڊ ر) سنڌ جي نامياري آرٽسٽ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد احمد منگي چوٿين عالمي گلوبل سي ايس آر ليڊرشپ سمٽ ۽ ايوارڊ 2022ع جو ايوارڊ ماڻي ورتو آهي. ڪراچي جي ميرٽ هوٽل ۾ ٿيل تقريب ۾ پروفيسر سعيد احمد منگي کي بهترين آرٽسٽ ۽ آرٽ کي هٿي وٺرائڻ جو ايوارڊ ڏنو ويو. ايوارڊ تقريب دوران ”ٽيڪنالاجي جو آرٽ تي اثر ۽ جديد دنيا ۾ نوجوان فنڪارن لاءِ موقعا“ جي موضوع تي سيمنار پڻ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ تقرير ڪندي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد احمد منگي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ آرٽ وڏو اثر پيو آهي ان باوجود نوجوان جديد فني تعليم حاصل ڪري عالمي گهرجن جو پوراءُ ڪري سگهن ٿا ۽ جديد دنيا ۾ پنهنجي قابليت کي اجاڳر ڪري روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهن ٿا. تقريب ۾ وڏي وزير جو خاص صلاحڪار ويرجي ڪولهي، ناليواري اديب قربان منگي، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، انيلا مهڪ، ماريا بانو سوڌو ملڪ جي مشهور آرٽسٽن سوڌو مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن کي پڻ بهترين آرٽسٽ ۽ آرٽ پروموٽر جو ايوارڊ حاصل ڪيو.
