ڊاڪٽر بلوچ لوڪ ادب جو بي بها خزانو نروار ڪري قوم اڳيان آندو:مخدوم سعيد الزمان

ڄام شورو(پ ر) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان”عاطف“، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري عالم، محققن ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمتگذار طور گذاري، هُن پنهنجو نُور نچوئي، سنڌي ٻولي ۽ ادب خاص طور تي لوڪ ادب کي جيئندان بخشيو ۽ ساڳئي وقت جامع سنڌي لغات، تاريخ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۽ سُرن تي ڪيل تحقيقي ڪم سميت ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪيل ڪم کيس عالمي سطح جي وڏن عالمن ۽ محققن جي صف ۾ آڻي بيهاريو. سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان”عاطف“ چيو ته لوڪ ادب سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جو اهو شاندار حصو آهي، جنهن مان سنڌي ٻوليءَ جي لفظن، لهجن، ماڳن، مڪانن، ريتن، رسمن، ثقافت، سياست، تاريخ ۽ تمدن جي خبر پوي ٿي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي جهر جهنگ، وستي واهڻ وڃي اتان سنڌي لوڪ ادب جو بي بها خزانو نروار ڪري قوم اڳيان آندو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اها خوشنصيبي آهي جو ان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ طرفان لوڪ ادب جا سهيڙيل ڪتاب، جامع سنڌي لغات سميت سندن ٻيا ڪتاب شايع ڪري هڪ تاريخ ساز ڪم ڪيو سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته لوڪ ادب جا اسٽاڪ مان ختم ٿيل سمورا ڪتاب شايع ڪرايون، جيئن ايندڙ نسلن تائين پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ثقافت بابت ڄاڻ پهچندي رهندي. ٻئي طرف سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان”عاطف“، جي هدايت تي سنڌي ادبي بورڊ جي وفد ۾ اياز سومرو، حافظ احمد الدين انڍڙ، سيد مير علي شاهه ڪاظمي ،عزيز لغاري ۽ ٻين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي سندن ايثال ثواب لاء دعا گهري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں