اياز احمد پتافي
گهوٽڪي ضلعو سنڌ جي مالا مال ضلعي طور سڃاتو ويندو آهي جيڪو ملڪ پاڪستان کي سٺي مقدار ۾ تيل، گيس ۽ يوريا ڀاڻ سميت بجلي فراهم ڪري رھيو آھي پر تنهن باوجود بدلي م ضلعي گهوٽڪي جي عوام کي غربت، بيروزگاري، مھانگائي جو منھن ڏسڻو پئجي رھيو آھي،سنڌ جو ھي واحد ضلعو آھي جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ھتي ايشيا جون سڀ کان وڏيون ٻھ ڀاڻ فيڪٽريون اينگرو فرٽيلائزر، ايف ايف سي آھن جيڪي روزاني جي بنياد تي جھجھي مقدار م ڀاڻ ٺاھي اربين روپيه ڪمائي رھيون آھن، ٻھ گيس ڪمپنيون او جي ڊي سي ايل ۽ ماڙي گيس پيٽروليم ڪپمني جيڪي گيس ۽ تيل وڏي بي انتھا مقدار ۾ حاصل ڪري ملڪي ناڻي م اضافو ڪري رھيون آھن،ٻھ بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽ آھن جيڪي ملڪ جي مختلف وڏن وڏن شھرن کي بجلي فراھم ڪري ڪاروبار کي ھٿي وٺرائي رھيا آھن، جڏھن ته ضلعي گھوٽڪي اندر پنج شوگر ملون ۽ ان کان علاوه ڪيترائي ننڍا وڏا صنعتي ادارا پڻ ڪم ڪري ملڪي ناڻي م اضافو ڪري رھيا آھن، گھوٽڪي ضلعو سنڌ جو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ ٻيون نمبر ضلعو آھي، جڏھن ته ھن ضلعي ۾ معدني وسائل، صنعت ۽ زراعت جي گھڻائي ھجڻ ڪري امير ضلعو پڻ سڏيو ويندو آھي، پر بدلي ۾ گھوٽڪي جي عوام کي انھن ملٽي نيشنل ڪمپنين بيمارين، تڪليفن ۽ تباھين کانسواءِ ڏنو ڇا آھي، حقيقت ھي آھي ته ھن امير ضلعي جا ماڻھون بدقسمتي سان غربت جي لڪير ھيٺ زندگي گذاري رھيا آھن، گھوٽڪي ضلعي مان نڪرندڙ گيس پنجاب صوبي تائين ته پھچايو ٿو وڃي اتان جون فيڪٽريون ته ھلايون ٿيون وڃن، مگر ھتان جي مقامي ماڻھن جو چلھو ٻارڻ لاءِ گيس موجود ناھي، گيس جا اصل وارث ضلعي گھوٽڪي جا ستر فيصد ماڻھو گيس جي سھولت کان محروم بڻيل آھن، بجلي پيدا ڪندڙ ضلعي جا رھواسي بجلي جي سھولت کان محروم بڻيل آھن، زرعي ڀاڻ پيدا ڪندڙ وڏيون فيڪٽريون ھجڻ باوجود گھوٽڪي جي ماڻھن کي ڀاڻ نٿو ملي بليڪ تي 2200 روپيا واري ٻوري 3000 روپين تي ملي رھي آھي، صنعتي ادارن ۽ معدني وسيلن جي باوجود گھوٽڪي جي عوام بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آھي،ھتان جي عوام جي صحت، تعليم،ء بنيادي سھولتن لاء ڪجھ به خرچ نٿو ڪيو وڃي،ھرطرف تباھي جا منظر ڏسڻ م اچي رھيا آھن. پر تازو ئي گھوٽڪي جي ملٽي نيشنل ڪمپنيون ۽ شوگر ملن جي انتظاميه پاران آبادگارن ۽ مقامي ماڻھن سان زيادتيون ڪيو پيون وڃن، مليل ڄاڻ موجب گذريل ڏينھن اينگرو فرٽيلائزر ڪمپني ڏھرڪي انتظاميه طرفان ڪيميل وارو زھريلو پاڻي لوئر ڏھر واھ م ڇوڙ ڪري لکن جي تعداد م مڇي ۽ آبي جيوت جاندارن جو قتل ڪري ظلم ڪري رھي آھي، ڪيترائي جانور زھريلي پاڻي پيئڻ جي ڪري بيمار ٿي پيا آھن. جڏھن ته مسلسل ڪيميڪل وارو زھريلو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سان تعلقي ڏھرڪي جي زراعت تباھي جي ڪناري تي پھچي چڪي آھي، اينگرو يوريا سميت ٻين ملٽي نيشنل ڪمپني جي زيادتين کي لغام ڏيئي فصلن توڙي ٻين آبي حيات جانورن سميت انساني قيمتي زندگيون بچايون وڃن. انھي سان گڏوگڏ جيڪڏھن ھتي ڳالھ ڪجي گھوٽڪي جي شوگر ملن جي ته انھن جون زيادتيون به عام عوام ء آبادگار ڀوڳي رھيو آھي، شوگر ملون مافيه بڻيل آھن جنھن پنھنجا ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا آھن، جيڪي ھارين ۽ آبادگارن کان في مڻ تي ڏھ کان پندرنھن روپيا ڪميشن وٺي ڦري ناس ڪري رھيا آھن، پندرھن ڏينھن کان وڌيڪ ڏينھن گذري ويا آھن مگر ضلعي اندر ھلندڙ شوگر ملون آبادگارن کي وقت سر سندن حق ڏيڻ لاءِ تيار ناھن، الائينس شوگر مل اوٻاوڙو جنھن يارنھين مھيني جي آخر ۾ چمني ٻاري پيڙائي جي شروعات ته ڪئي، پر آبادگارن کي انجو ڪو لاڀ نه ملي سگھيو ڇو ته ويھ ڏينھن کان مٿي وقت گذري وڃڻ بعد به آبادگار پيسن جي وصولي لاءِ روزانو شوگر مل جا چڪر ڪاٽي ذليل ۽ خوار ٿي رھيا آھن، پر شوگر مل انتظاميه کي آبادگارن جي حال تي ڪو رحم نه ٿو اچي پيسا ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، آبادگار ويچارو پورو سال ڏينھن رات محنت ڪري، ڀاڻ، دوائون قرض تي کڻي ڪمند جي فصل کي تيار ڪندو آھي،پر جڏھن ڪٽائي جو وقت ويجھو ٿيندو آھي ته شوگر مل وارن جون من مستيون به وڌي وينديون آھن،ڇو ته وقت سر پيسا نه ملڻ ڪري قرض تي کنيل ڀاڻ دوائن جو وياج ھڪ ھڪ ڏينھن جي حساب سان روزانو وڌندو پيو وڃي، انھن شوگر ملن مان خارج ٿيندزر زھريلي پاڻي سبب علائقي جا جر به کارا ٿي رھيا آھن جنھن سبب مختلف بيماريون ڦلھجي رھيون آھن،علائقي واسي مختلف موذي بيمارين م وڪوڙجڻ لڳا آھن پر اھڙين زيادتين تي گھوٽڪي جا چونڊيل نمائندن ء ڪامورن جي چند ٽڪن عيوض خاموشي اختيار ڪرڻ تي افسوس آھي، شوگر ملن مان نڪرندڙ کاري پاڻي ڀرپاسي جون سوين ايڪڙ زمينون بنجر بڻائي تباھ ڪري ڇڏيون آھن، جڏھن ته شوگر ملن مان نڪرندڙ قاتل گرم پاڻي انسانن توڙي جانورن ء پکين جي لاءِ پڻ موت جو اڏو بڻيل آھي گرم پاڻي بغير ڪنھن حفاظتي اپاء جي کليل زمين م ڇوڙ ڪرڻ جي ڪري مختلف قسمن جا جاندار پکي ۽ جانور پڻ مري رھيا آھن، گورنمينيٽ آف پاڪستان ۽ اعلي عدليه کي گھرجي ته ھنن ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ شوگر ملن کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم مطابق مقامي ماڻھن کي روزگار ۽ سھولتون فراھم ڪرڻ جو پابند بڻائي گھوٽڪي جي عوام حق ڏياريا وڃن.
