اسيمبليون ڪنهن جي خواهش تي نه ٿيون ٽوڙي سگهجن، ان لاءِ ٺوس سبب هجڻ گهرجن:مراد علي شاهه

ڄامشورو(رپورٽ: ربڏنو ابڙو) ملڪي تاريخ جي آيل وڏي ٻوڏ ملڪ ۽ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان  ۾ وڏي تباهي آندي آهي. ملڪ ۾ آيل ٻوڏ ۾60 لک ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي ۽ تقريبن 30 بلين ڊالرس جو نقصان ٿيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مهراڻ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل ملڪ کي نئين سر انجنيئرن کي اڏڻو آهي، انجنئير ئي ملڪ کي جٽادار مستقبل ڏئي سگهن ٿا، ملڪ کي درپيش مسئلن مان ڪڍي سگهن ٿا. سيد مراد علي شاهه مهراڻ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ ڊگري وٺندڙ شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي زندگي ۾ ڪانووڪيشن ۾ ڊگري وٺڻ جي يادگيري ناهي، اسان جي زماني ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ ڪانووڪيشن نه ٿيو جتان مون انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، ان ڪري آئون ڪانووڪيشن ۾ ڊگري نه وٺي سگهيس. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي بهترين ڪارڪردگي آهي، هڪ ڏينهن اها ضرور دنيا جي هڪ سئو ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين ۾ شامل ٿيندي. هن چيو ته جن کي ڪانووڪيشن ۾ ڊگري ملي آهي، انهن جي لاءِ اها ڊگري زندگي بدلائيندڙ ثابت ٿيندي. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ گولڊ ميڊلس حاصل ڪندڙن ۾ اڪثريت شاگردياڻين جي آهي، جيڪا مثبت تبديلي آهي ۽ اسان کي اعزاز حاصل آهي ته مسلم دنيا جي پهرئين خاتون وزير اعظم بينظير ڀٽو اسان جي ليڊر آهي. هن چيو ته اڄ آئون مائرن خاص مبارڪون ڏيان ٿو، جن جي ڌيئرن گولڊ ميڊلس حاصل ڪيا آهن. هن چيو ته معاشري جي ترقي لاءِ عورتن جي خودمختياري ۽ ترقي اهم آهن. هن چيو ته ڊگري وٺندڙ هاڻي پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ڪندا ڪي نوڪرين ۾ لڳندا ۽ ڪي وري وڌيڪ تحقيق جو ڪم ڪندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع چيو ته مهراڻ يونيورسٽي سنڌ صوبي ۾ پهريون نمبر انجنيئرنگ يونيورسٽي آهي. مهراڻ جي انجنيئرن جو ملڪي ترقي ۾ وڏو هٿ آهي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ تحقيق ۽ تدريس جو بهتر نظام آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي نه صرف ڊگريون ڏيندڙ اعليٰ تعليمي ادارو آهي پر مهراڻ يونيورسٽي پنهنجي ملڪ ۽ صوبي جي ماڻهن جي ڏکي ويل ۾ سار به لهي ٿي، تازو آيل ٻوڏ ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ٻوڏ متاثرن جي سار لڌي، انهن لاءِ فنڊ گڏ ڪيا. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي کي ٻوڏ متاثرن جي سار لهڻ تي انهن جي مدد ڪرڻ تي ملڪ جي وزير اعظم فلڊ هيروز جو ايوارڊ پڻ ڏنو آهي. ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته برساتون هجن، ڪووڊ هجي يا ڪجهه مهراڻ يونيورسٽي پنهنجا ڪلاس اڪيڊمڪ ڪئلنيڊر موجب وقت تي هلايا آهن، امتحان وقت تي ورتا آهن. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي مستقبل جا بهترين ليڊر پيدا ڪندڙ ادارو آهي. وائيس چانسلر چيو ته ملڪ ۾ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق ۽ ايجادن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو وڏو حصو آهي. ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي ڊگري وٺندڙن کي، انهن جي والدين کي مبارڪون ڏنيون چيو ته هي ڏينهن والدين جي خوابن جي ساڀيان جو ڏينهن آهي. ان کان اڳ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي اين اي ڊي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سروش حشمت لوڌي چيو ته زندگي ۾ هڪڙي سکيا ڪلاس روم ۾ ملندي آهي ۽ ٻئي سکيا ڪلاس روم کان ٻاهر هن چيو ته شاگردي جي زماني ۾ نوجواني ۾ ڪلاس روم کان ٻاهر وارو وقت ماڻهو کي وڌيڪ وڻندو آهي ۽ اهي يادون وڌيڪ پسند هونديون آهن. هن چيو ته نوجوانن کي وڏا خواب ڏسڻ گهرجن ۽ وڏين حاصلاتن لاءِ محنت ڪرڻ گهرجي. ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ سنڌ جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊس جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو، يونيورسٽيز اينڊ بورڊس کاتي جي سيڪريٽري محمد مريد راهمون، ايم اين اي سڪندر راهبپوٽو، سنڌ، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، حيدرآباد ڪاليج يونيورسٽي، سنڌ مدرستـ اسلام يونيورسٽي ڪراچي جي وائيس چانسلرن، ڪمشنر حيدرآباد، ڊي آءِ جي سنڌ پوليس حيدرآباد سميت مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻن وائيس چانسلرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سميت ڊگري وٺندڙ شاگردن جي والدين شرڪت ڪئي. مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو 26هون ڪانووڪيشن ڇنڇر جي ڏينهن 17 ڊسمبر تي مهراڻ يونيورسٽي جي مک آڊيٽوريم ۾ ٽن نشستن ۾ ٿي گذريو. ڪانووڪيشن جي باضابطه ڪارروائي جو اعلان مهراڻ يونيوسٽي جي رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ ڪيو. ڪانووڪيشن ۾ ڪل 987 شاگردن ۽ شاگردياڻين ڊگريون ورتيون جن ۾ 926 بيچلرس، 48 ايم فل ۽ ماسٽرس اسڪالرس جڏهن ته تيرنهن 13) پي ايڇ ڊيز پنهنجون ڊگريون حاصل ڪيون. ڪانووڪيشن ۾ 8 شاگردن فئڪلٽي ٽاپ 8 شاگردن ۽ شاگردياڻين بيسٽ گريجوئيٽس ۽ هڪڙي شاگردياڻي کي ڪئمپس ٽاپ ڪرڻ تي گولڊ ميڊل پارايا ويا. گولڊ ميڊل کٽڻ جي مقابلي ۾ ڇوڪرين ڇوڪرن کي مات ڏئي ڇڏي. ڪيميڪل انجنيرئنگ شعبي جي مس اروبا سليم ميمڻ ٻه گولڊ ميڊل ۽ هڪڙو سلور ميڊل پائڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، سينٽر آف ايڪسيلنيس ان آرٽس اينڊ ڊزائن جي بختاور اسلم مغل ٻه گولڊ ميڊل  ۽ هڪڙو سلور ميڊل پاتو، جڏهن ته انوائرنمينٽل شعبي جي عبدالرئوف خان به ٻه گولڊ ميڊل ۽ هڪڙو سلور ميڊل پائڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس جي سول انجنيئرنگ شعبي جي مس شمائلا سومرو ڪئپمس ٽاپ ڪرڻ تي هڪڙو گولڊ ميڊل ۽ هڪڙو سلور ميڊل پائڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. جڏهن ته پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪندڙن ۾ ڊاڪٽر شعيب کتري انرجي سسٽم انجنيئرنگ، ڊاڪٽر زرتاشه بلوچ ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرنگ، ڊاڪٽر ماجد حسين اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ، ڊاڪٽر عرفان احمد اليڪٽريڪل پاور انجنيئرنگ، ڊاڪٽر انود سافٽ ويئر انجنيئرنگ، ڊاڪٽر سهيل ظفر جيو ٽيڪنيڪل اينڊ هائي وي انجنيرئنگ، ڊاڪٽر محمد ريحان جيو ٽيڪنيڪل اينڊ هائي وي انجنيئرنگ، ڊاڪٽر وقار احمد سيٺار، سائنس ٽيڪنالاجي اينڊ انوويشن پاليسي، ڊاڪٽر پارس سائنس ٽيڪنالاجي اينڊ انوويشن پاليسي، ڊاڪٽر سجاد حيدر  سائنس ٽيڪنالاجي اينڊ انوويشن پاليسي، ڊاڪٽر محمد ميمڻ اپلائيڊ ميٿاميٽڪس ۽ ڊاڪٽر فوزيـ شيخ اپلائيڊ ميٿاميٽڪس جي ڊگري حاصل ڪئي. هوڏانهن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 60هين والدين جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  پاڪ فوج جي  قيادت ۽ اعليٰ سول سروسز ۾ هتان جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جو اهم ڪردار رهيو آهي جن سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۾  پنهنجو ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته  پيٽارو ڪاليج  سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ وڏي وزير چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي تقريب ۾  خاص مهمان طور شريڪ ٿيڻ مون لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ۽ هن خوشگوار لمحي ۾ نوجوان ڪيڊٽن کي يونيفارم ۾ ڏسي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو هڪ منظم ادارو آهي ، فارغ التحصيل شاگردن جي ڪارڪردگي سان اداري جو معيار نمايان ٿيو آهي جڏهن ته ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو سنڌ جي بهترين تعليمي ادرن مان هڪ آهي. هن چيو ته اداري جي سالياني رپورٽ ڏسي يقينن ادارو تعريف جو مستحق آهي ۽ ريڪارڊ ساز نتيجا ملڻ تي ڪيڊٽس ۽ استادن جي محنت شامل آهي. هن ، ڪيڊٽس جي ڪردارسازي ۽ روشن مستقبل تي اداري جي واکاڻ ڪئي. وڏي وزير چيو ته تعليمي نظام ۾ گريڊز جي بدران شاگردن جي ڪردار سازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ بهتر تعليم ۽ مستقبل لاءِ اداري جي چونڊ تي والدين جي جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته يقينن فارغ التحصيل معاشري جي بااعتماد ۽ ڪامياب انسان ثابت ٿيندا هن ڪيڊٽ  شاهه مجتبيٰ شارق  کي بيج آف آنر ۽ اڳوڻي ڪيڊٽ هوش محمد کي اسٽڪ آف آنر ملڻ تي مبارڪباد ڏني. وڏي وزير چيو ته ڪاليج ۾ گذاريل وقت کي قائدانه صلاحيتن سان آرائستا ڪيو وڃي جڏهن ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ  لاءِ مخلص هجڻ ڪافي ناهي ملڪ سان وفاداري به ضروري آهي. وڏي وزيرچيو ته ڪيڊٽ ڪاليج جي سربراهه ڪموڊور مشتاق احمد کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. ان موقعي تي صوبائي وزير اقليتي امور گيانچند ايسراني، ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر، ايم اين اي سڪندر علي راهپوٽو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ ،ڊي آئي جي حيدرآباد سيد پير محمد شاهه ،ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفي ،ايڊمرل ذاڪر ﷲ جان، ڪاليج جي پرنسپال مشتاق احمد، ڪاليج جي انتظاميا شاگردن جي والدين وڏي انگ ۾  تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزير اعلي سنڌ کي شاگردن پريڊ جي سلامي ڏني ۽ اتي جا ٽيڪنيڪل ڪرتب پڻ ڏيکاريا جنهن تي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ سندن همٿ افزائي به ڪئي شاگردن پاران 60 هون والدين وڏي جوش جذبي سان ملهايو. تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعليٰ ڪاليج جي اعليٰ تعليم ماحول ، سهولتن ، انفرااسٽرڪچر ۽ استادن جي ساراهه ڪئي ۽ اها به خواهش ڪئي ته پاڪستان جي سڀني ڪاليجن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جهڙيون سهولتن هجڻ گهرجن ڇاڪاڻ جو ملڪ ۽ قوم جي ترقي فقط بهتر تعليم ذريعي ئي ممڪن آهي. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪردار سازي ۽ روشن مستقبل لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ڪئي ته هي ادارو پنهنجي عظيم مقصد ۽ تڪميل لاءِ هميشه هر ممڪن ڪوششون ڪندو رهندو. ان موقعي تي ڪاليج جي پرنسپال مشتاق احمد کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران مليل ايوارڊ آف ايڪسييلنس تي پڻ مبارڪ ڏني. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ڪمانڊر ڪراچي ايڊمرل ذاڪر ا لله جان حلال امتياز ملٽري سنڌ حڪومت جي اعليٰ عملدارن ، فوجي آفيسرن ، مشهور پيٽارين  ۽ ڪيڊٽن جي والدين کي خطاب ڪندي سڀني آيل معزز مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ ڪاليج جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. هن، شاندار تعليمي ، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين کي ساراهيندي ڪاليج ۾ ترقياتي ڪمن جو به ذڪر ڪيو. ان موقعي تي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ انعام ورهاياويا. تفصيل موجب چيمپيئن شپ ٽرافي لطيف هائوس ۽ رنراپ ٽرافي محمد بن قاسم هائوس حاصل ڪئي. پروگرام جي پڄاڻي تي گهوڙي سواري جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو جڏهن ته تيار ڪيل فنپارن جي به نمائش ڪئي وئي_تقريب  ۾   20 هزار کان وڌيڪ والدين شرڪت ڪئي ۽ ڪاليج ملازمن ، صحافين  ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ وڏي وزير  مهراڻ يونيورسٽي ۾ 26 هون ڪانوڪيشن جي سالياني تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ پاس ٿيندڙ ن ۾ گولڊ ميڊل ، سرٽيفڪيٽ ،۽ ٻيون سندون ورهايون. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مهراڻ يونيورسٽي جي گريجوئيٽس تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تقريب ۾ گهرائڻ تي اداري جي سربراهن جو مشڪور آهيان ، پاس ٿيل شاگرد گريجويٽس ، فيڪلٽي ۽ والدين تعريف جا مستحق آهن توهان پاران پرتپاڪ آجيان ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي انجنيئر ناتي ان اداري سان ڊگري ملڻ تي توهان جي جذبن سان واقف آهيان، مهراڻ يونيورسٽي معياري تعليم ۾ هڪ رول ماڊل بڻي چڪي آهي بطور وڏي وزير حلف کڻڻ بعد مون پنهنجي حدف مقرر ڪيو ، اسڪو ل کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۽ شاگردن  کي تمام سهولتون ميسر ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اڄ مان هتي مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن ۾ شرڪت لاءِ آيو آهيان مون پوزيشن هولڊرز ۾ ڊگريون ۽ مڊلز ورهايا مان هتي گريجوئٽس ڪندڙ ٻارن کي عوام جي خدمت ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندس . وڏي وزير هڪ سوال تي چيو ته ٻوڏ وارو پاڻي  ڪافي حد تائين نيڪال ٿي چڪو آهي باقي پاڻي جي نيڪالي ٿيندي ئي ايندڙ مهيني گهرن جو اڏاوتي ڪم شروع ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي وڏي وزير چيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ جا ٺوس سبب هجڻ گهرجن،اسيمبليون ڪنهن جي خواهش تي نه ٿيون ٽوڙي سگهجن. اهي انا ان شخص جي آهي جنهن کي آئيني طور تي گهر موڪليو ويو، اسيمبلي جو ٽوڙڻ عوام جي حق ۾ هجي نه وري ڪنهن هڪ شخص جي خواهش تي ٽوڙيون وڃن. وڏي وزيرچيو ته سنڌ حڪومت عوام کي رليف مهيا ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي اسان رليف جو سامان پهچايو آهي ان ۾ گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو مونکي خيرپورناٿن ۾ ماڻهن چيو ته اسانکي ڪجهه به نه مليو پر جڏهن ڊي سي آيو ته متاثرن چيو ته سامان مليو آهي ڇاڪاڻ جو اهي ڊي سي کي نالي سان سڃاڻين ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں