اوٻاوڙو ۾ نوجوان جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو

اوٻاوڙو(رپورٽ:منيراحمدگرگيج) اوٻاوڙو لڳ  ٽي ڏينھن اڳ الائينس شوگر مل ۾ قتل ٿيل نوجوان جنيد ملڪ جي وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پرويز ملڪ، عبدالسميع ملڪ، ڪمال فقير مهر، شبير احمد ملڪ  جو شگر مل انتظاميا خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف ٽين ڏينھن به سوين ماڻھون سراپا احتجاج، سوين مظاھرين شھر جي مين ڀٽائي چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪري  ڌرڻو هڻي ويھي رھيا ٻه ڪلاڪ روڊ بند ٿيڻ سبب ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالين ۽ ٻين ڱاڏين جون قطارون لڳي ويون شھر ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو مقتول جي وارثن وٽ ٻن ڪلاڪن تائين ڪو چونڊيل نمائيندو يا ڪو انتظاميا جو ڪو به عملدار نه پھتو ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف مظاھرين جو اوٻاوڙو پوليس ۽ شوگر مل انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪندا رھيا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اوٻاوڙو پوليس شوگر مل انتظاميا خلاف ڪيس داخل نٿي ڪري اسان جي نوجوان جو ڪيس لوڙھڻ چاهي ٿي اسان اعلي حڪام کان اپيل ٿاڪريون ته اسان جي نوجوان جي خون سان انصاف ڪري قاتل مل جي سيڪيورٽي انچارج مظھر ملھي خلاف نوجوان جوقتل ڪيس داخل ڪري پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وچي ڪيس داخل ٿيڻ تائين اسان جو احتجاج جاري رھندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں