جيڪب آباد(ڊ ر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد شمبي شاهه پوليس چيڪ پوسٽ ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل سان خوفناڪ حادثو، نتيجي ۾ بلوچستان جي علائقي ڇلگري جا رهواسي 35 ورهين جو واحد بخش سندس 8 ورهين جو معصوم ڀاءُ غلام مصطفيٰ ٻئي پٽ شير علي مري ۽ پيرسن عورت مسمات گنج بيبي سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو معصوم نينگر غلام مصطفيٰ مري زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، پيرسن عورت سميت نوجوان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.
