حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) صحافين، ليکڪن، دانشورن، وڪيلن ۽ سماج سڌارڪن سنڌ جي سينئر صحافي ڪالم نگار ۽ صحافتي جدوجهد جي جاکوڙي ڪردار جي اين مغل کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته جي اين مغل قلم جي طاقت سان ضياءَ ۽ مشرف جي آمريت جو ثابت قدمي سان مقابلو ڪندي سنڌ جو ڪيس وڙهيو، جي اين مغل سڄي صحافتي دور ۾ ملڪ ۾ آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، جمهوريت جي مضبوطي ۽ اظهار راءِ جي آزادي لاءِ بي مثال جدوجهد ڪئي. اهڙن ڪردارن تي سنڌ کي صدين تائين فخر رهندو. اهڙو اظهار هنن حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران سينيئر صحافي جي اين مغل سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ رچايل رهاڻ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي زراعت کاتي، ماحولياتي تبديلي ساحلي ترقي ۽ بورڊ اينڊ يونيورسٽيز کاتي جي وزير اسماعيل راهو چيو ته سنڌ مختلف حالتن مان گذري آهي، هڪ سنهري دور هيو، جنهن ۾ سياسي قيادتون، سياسي ورڪر، اديب، شاعري ۽ صحافت هئي، انمول قسم جا مثالي ماڻهو اڳيان اڳيان آيا، جن پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ڪجهه حالتون بهتر هيون ته ڪجهه حالتون بدتر رهيون ۽ جي اين مغل انهن سڀني حالتن جو اکين ڏٺو شاهد آهي. هن چيو ته ترقي پسند سياست تي جيترو مغل صاحب لکي سگهي ٿو، شايد ٻيو ڪير لکي سگهي. هن چيو ته جي اين مغل سدائين سچو ۽ کرو صحافي رهيو آهي. ڪجهه اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي لوهه جا هوندا آهن ۽ سون جو پاڻي چاڙهيو ويٺا آهن، جي اين مغل سون جو ماڻهو آهي، جنهن تي لوهه جو پاڻي چڙهيل آهي. هن چيو ته جي اين مغل سنڌ جي ماروئڙن، جمهوريت، صحافت جي آزادي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. سينيئر صحافي ۽ ڪالم نگار جي اين مغل چيو ته مون سڄي زندگي قلم جو پورهيو سچائي ۽ ايمانداري سان ڪيو، منهنجو ضمير سموري صحافتي دور ۾ مطمئن آهي. هن چيو ته سنڌ جا سدائين حق غضب ٿيندا رهيا آهن، بدقسمتي سان هن ملڪ تي سڀ کان وڏو عرصو آمريت رهي ۽ سول حڪومتن کي به هلڻ نه ڏنو ويو. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ اڃان تائين ترقي ڪري نه سگهيو آهي. هن چيو ته جيستائين مڪمل طور تي آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، جمهوريت جي مضبوطي ۽ اظهار راءِ جي آزادي نه هوندي تيستائين ملڪ بحرانن مان نه نڪري سگهندو. 4 مارچ جي هيرو ايڊووڪيٽ ماما يوسف لغاري چيو ته جي اين مغل جيڪو صحافت جي آزادي تي لکيو، شايد ڪنهن لکيو هجي. هن چيو ته ٻولي جو اشو هجي، پاڻي جو معاملو يا ڊيمن جي ڳالهه جي اين مغل سچ سان گڏ بيٺو رهيو ۽ اڄ تائين به بيٺو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪجهه صحافي اهڙا به رهيا آهن، جن پنهنجي قلم جي طاقت ذريعي پاڻ کي مڃايو آهي. هن چيو ته آمريت واري دور ۾ به جيڪڏهن ڪنهن جو قلم ڳالهائيندو هو ته اهو قلم جي اين مغل جو قلم هو. حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون، ايڇ يو جي طرفان جي اين مغل جي اڻڇپيل مواد کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ضياءَ الحق جي آمريت ۾ اسان جي شاگرد سياست دوران جي ايم مغل اسان جو آئڊيل هيو، هن ضياءَ آمريت خلاف مزاحمت ڪئي. هن چيو ته جي اين مغل، ڄام صادق جي دور ۾ به سنڌ جو ڪيس رکيو، جيڪو اسان اکين سان ڏٺو. پي ايف يو جي اڳواڻ خالد کوکر چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي سماج وساري ڇڏيو آهي، ايڇ يو جي سنڌ جي هيرن کي مڃتا ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان کان اڳ 4 مارچ جي هيرو ماما يوسف لغاري سان به شام ملهائي وئي هئي، جيڪو هڪ سٺو سونئڻ آهي. هن چيو ته جي اين مغل جو انهن صحافين ۾ شمار ٿئي ٿو، جن سنڌي توڙي اردو ۽ انگريزي ۾ صحافت ڪري سنڌ جو ڪيس رکيو. سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن مجاهد بريلوي چيو ته 90 جي ڏهاڪي ۾ صحافين ڪوڙا کاڌا، جيل ڪاٽيا، صحافت جي آزادي لاءِ جنگ وڙهي، جي اين مغل ڪميٽيڊ صحافي آهي. جنهن هر دور ۾ پنهنجي قلم سان آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني، جمهوريت جي بحالي ۽ سنڌ جو ڪيس رکيو. هن چيو ته ايڇ يو جي کي جس هجي جنهن سندس زندگي ۾ ئي مڃتا ڏني. جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته جي اين مغل سنڌ جو ڪيس سدائين بهتر نموني رکندو آيو آهي، اسان کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته سنڌ جي صحافت سدائين سنڌ جي ماڻهن جي درد کي رپورٽ ڪيو آهي، سنڌ جي صحافت ئي آهي، جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهي رهي آهي.ايڇ آر سي پي حيدرآباد ريجن جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته جي اين مغل آمر ضياءَ جي آمريت خلاف ثابت قدمي سان جدوجهد جاري رکي. هن چيو ته هن پاڻي اشو توڙي اين ايف سي ايوارڊ تي تحقيقي اسٽوريون ڪري ملڪ جي وفاقي وحدتن جو آواز اٿاريو. هن چيو ته ون يونٽ ۽ مارشل لائن خلاف تحريڪون ايترو ته ڪامياب ٿيون جو ملڪ ۾ آمريت کي پاڪستان جي عوام ۽ آئين رد ڪري ڇڏيو. سماج سڌارڪ سلمان جي ابڙو چيو ته جي اين مغل سنڌ جي پاڻي جو اشو هجي يا سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وچ ۾ فرق يا ايم آر ڊي جي موومينٽ انگن اکرن تحت مضبوط ڪيس رکيو. سماجي اڳواڻ عبدالرزاق عمراڻي چيو ته بدقسمتي سان ملڪ ۾ سدائين مارشلائي قوتن جو صحافت ۽ سياست تي قبضو رهيو، ۽ پنهنجا حق گهرڻ تي جيل به ڀوڳڻا پيا، آمر ضياءَ جي مارشلائي دور ۾ جي اين مغل صحافت جو عظيم ڪردار آهي. ايڊووڪيٽ سلمان ڏاهري چيو ته صحافي، اديب، ليکڪ جيڪو ڪمنٽمينٽ سان ڌرتي جي ماڻهن سان محبت ڪندڙ هجي، جي اين مغل انهن ماڻهن مان آهي. پروفيسر مشتاق ميراڻي چيو ته جي اين مغل حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۾ بي خوف هوندو هيو. ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش چيو ته سنڌ جي ميڊيا سدائين اقليتن جو ڪيس بهتر نموني پيش ڪيو آهي، پر جي اين مغل انگريزي اخبار ۾ هوندي به اسان جو ڪيس بهتر نموني رکيو. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر گلزار جماڻي چيو ته جي اين مغل سنڌ کي سدائين ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئِي، هو سدائين سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، ڪامريڊ ڄام ساقي سميت قومي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ اختلافن کي نبيرڻ لاءِ لابنگ ڪندو هيو. هن چيو ته جي اين مغل ڪڏهن به سنڌ ۽ قلم جي معاملي ۾ سوديبازي نه ڪئي. پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته جي اين مغل سنڌ خلاف ٿيندڙ هر اشو تي تحقيق ڪري هاءِ لائيٽ ڪندو هيو. عبدالرزاق ميمڻ، جي اين مغل جي 1987 ۾ پهرين لکيل ڪتاب جي ٻيهر ڇاپڻ جو اعلان ڪندي چيو ته کيس اعزاز آهي ته هن جي اين مغل جو پهريون ڪتاب ڇاپيو، جيڪو ٻيهر شايع ڪرائيندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد جي صدر غلام الله چانگ چيو ته صحافي، اديب ۽ ليکڪ قومن جا سرمايو ۽ سفير هوندا آهن ۽ جي اين مغل اسان جو سفير آهي. ڊاڪٽر قاسم راڄپر چيو ته جي اين مغل سنڌ جي مالي معاملن توڙي پاڻي جو ڪيس مضبوطي سان رکيو، هو اسان جو رول ماڊل آهي، اهڙا ماڻهو اسان جي ڌرتي تي گهٽ آهن. ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته جي اين مغل سنڌي، اردو توڙي انگلش ادب ۾ لکيو ۽ اخبارن ۾ لکي سنڌ جو بهترين نموني ڪيس وڙهيو پاڻ سڄي عمر لکڻ ۾ گذاري ڇڏي ان موقعي تي ايڇ يو جي جي صدر جئه پرڪاش موراڻي، حيدرآباد پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر اقبال ملاح، ايڇ يو جي جي جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، ڪراچي پريس ڪلب جي سينيئر نائب صدر رشيد ميمڻ، ڊاڪٽر خليل قاضي، بدر چنا، ذوالفقار قادري ۽ ٻين پڻ جي اين مغل جي زندگي ۽ صحافتي جدوجهد تي روشني وڌي. جڏهن ته ايڇ يو جي پاران جي اين مغل کي سندس صحافتي خدمتن تي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو.
