سکر ۾ عورت فاؤنڊيشن پاران ورڪشاپ ڪوٺايو ويو

سکر (بيورورپورٽ) جذبه پروگرام عورت فاؤنڊيشن جي سائوٿ ايشيا پارٽنر شپ جي تعاون سان ٻن ڏينھن واري ٽرينگ  روڪشاپ ۾ تمام شعبن جي جذبه گروپ ،عورت فاؤنڊيشن جي ميمبرن ۽ پيپلز پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف جميعت علماء اسلام ۔ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي عھديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جمهوريت سياست ۽ صنفي برابري تي  سيشن ٿيو ۽ ان ڳالھ جي اھميت ۽  افاديت تي  زور ڏنو ويو جڏهن ته شعور کي اجاگر ڪرڻ لاء پارٽين جو سماجي احتساب به  ڪيو وڃي پارٽي عورتن جي سيٽن تي عورتن ۽ خواجا سرا کدڙن فقيرن کي ۽ اقليتين جي نمائندگي کي اھميت ڏني وڃي انھن کي اھم فيصلن تي برابري جو حق ڏنو وڃي ورڪشاپ ۾ ڊويزنل صدر پاڪستان تحريڪ انصاف سکر  صفيا بلوچ ڳالھائيندي چيو ته صوبائي ۽ جرنل سيٽن تي قومي اسيمبلي ۾ ھاڻي پنج سيڪڙو عورتن کي ٽڪيٽون  ڏنيون وڃن قانون سازي ڪري ان تڪ ۾ ٽيڪٽ ڏني وڃي جنھن سبب ان پارٽي جي عورت کٽي ڊپٽي اسپيڪر وومين لوڪل گورمينٽ جزبه پروگرام سکر عيني مسيح چيو ته لوڪل گورنمينٽ نظام ۾ اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين کي پابند ڪري جرنل سيٽن تي عورتن کي ٽڪيٽ ڏني وڃي جنھن جي ڪري بنا فرق جي اھي عورتون به سياسي ميدان ماري اڳتي وڌن ايڊو ڪيٽ  غزاله ڪاشف چيو ته اسان جي 30 کان وڌيڪ ميمبرز عورتن پارٽي جي چئيرپرسن وائيس چيئرپرسن جرنل ڪائونسلرز جي ٽيڪٽ لاء نالو ڏنو ھو  جذبه پروگرام عورت فاؤنڈيشن ۽  سائوٿ ايشياپارٽنر شپ پاڪستان جي تمام وڏي  ڪاميابي آھي ٽرينگ ورڪشاپ جي اختمام تي مھمان خاص امين بشير ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر سميت ياسر علي اليڪشن آفيسر  ورڪشاپ ۾ شامل عورتن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ۽ ورڪشاپ کي ساراھيندي ھنن چيو ته اھڙيون ٽرينگ ورڪشاپون  ٿيڻ گھرجن ته جيئن عوام ۾ شعور پيدا ٿئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں