فريادي ڌر هاڻي دير جا حربا استعمال ڪري رهي آهي:(سردار چانڊيو)، اسان جهڪڻ ۽ ڊڄڻ وارا ناهيون:ام رباب

دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو جي ڪرمنل ٽرائل ماڊل ڪورٽ نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين والد مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٿي، ام رباب چانڊيو فريادي پرويز چانڊيو سان گڏ عدالت پھتي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ ايم پي اي برهان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، گرفتار ٿيل جوابدار علي گوھر، مرتضيٰ چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو کي سينٽر جيل حيدرآباد مان دادو جي عدالت آندو ويو، ام رباب چانڊيو پاران گذريل ٻڌڻي تي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو کي ڏوهه ۾ شامل هجڻ واري داخل ڪرايل درخواست تي ايس ايڇ او پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ڌرين جا وڪيل نه پهچڻ سبب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿوري دير 11 بجي تائين ملتوي ڪئي، 11 بجي ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي پر فريادي ڌر جو وڪيل صلاح الدين پنهور عدالت نه پهچي سگهيو، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 7 جنوري تائين ملتوي ڪئي، جڏهن ته ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو خلاف درخواست واري ٻڌڻي 24 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو چيو ته فريادي ڌر 5 سال ننڊ پئي هئي هاڻي هنن کي ايس ايڇ او ياد آيو آهي، اڄ هنن جو وڪيل نه هو جنهن جي ڪري ٻڌڻي ملتوي ٿي، هاءِ ڪورٽ ۾ تڪڙ هئن هاڻي پاڻ دير جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن، اڳين حاضري تي شاهد ڪون هئن اڄ وڪيل ڪونه اٿن هن چيو ته بي ڏوهي آهيون ۽ رهنداسين سڀني کي خبر آهي، عدالتن تي اعتماد آهي تڏهن ته 5 سالن کان اچون پيان، جڏهن ته ام رباب چانڊيو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ جيڪا تاريخ ملي آهي هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ وڪيلن جي اليڪشن آهي ان ڪري وڪيل نه پهتا، اسان پر اميد آهيون ته 7 جنوري تي ڪيس هلندو ۽ عدالت هاڻي شيڊول ٺاهي ڏنو آهي، ڪير به ڪيس کي ڊلي نه ٿو ڪري سگهي هن چيو ته ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو کي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ واري درخواست اسان جو حق آهي ته ڪنهن وقت به ڏئي سگهون ٿا، شاهديون جنهن وقت اسان بهتر سمجهنداسين ته عدالت ۾ پيش ڪنداسين اسان سردارن وٽ راڄوڻي ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، هن چيو ته ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو خلاف درخواست تي ايس ايڇ او عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت 24 ڊسمبر تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي آهي اسان کي اڄ به ڌمڪيون ملي رهيون آهن اسان کي عدالتن تي يقين آهي، مان پنهنجي ٽن پيارن جا لاش ڏٺا آهن اسان کي جهڪائڻ ۽ ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اسان جهڪڻ ۽ ڊڄڻ وارا ناهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں