ملير جي عارب پنهور ۽ يوسف عارفاڻي ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ انتظاميه جي ڪارروائي، رهواسين جي مزاحمت، 4 ڄڻا زخمي

ملير(ڊ ر) ملير جي عارب پنهور ۽ يوسف عارفاڻي ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ روينيو، ايم ڊي اي ۽ اينٽي انڪروچيمنٽ جي وڏن اٽالن اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم حيدري مراد عباسي ۽ ايم ڊي اي جي ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچيمنٽ عبدالعليم آخوند جي اڳواڻي ۾ چڙهائي ڪري ڳوٺن کي ڊاهڻ لاءِ پهتا، ان موقعي تي سوين علائقي واسي پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي ڳوٺ ڊاهڻ لاءِءَ پهتل بلڊوزرن آڏو بيهي رهيا، ان موقعي تي پوليس ڳوٺاڻن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺ بازي ڪئي، ڳوٺاڻن پاران مزاحمت تي پوليس مٿن فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي جنهن سبب 4 ڳوٺاڻا منير احمد ، بشير احمد، ايوب پنهور، عثمان شديد زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڳوٺاڻن جي احتجاج جي شدت کي ڏسندي روينيو عملي ۽ اينٽي انڪروچيمنٽ فورس ڀڃي جان بچائي، واقعي خلاف ڳوٺاڻن پاران نيشنل هاءِ وي تي سخت احتجاج پڻ ڪيو ويو، ڳوٺاڻن سان همدردي طور پيپلز پارٽي ضلعي ملير جو صدر سلمان مراد، پ پ ڪراچي اڳواڻ نذير احمد ڀٽو، پاڪستان خاصخيلي اتحاد جو اڳواڻ يعقوب خاصخيلي پڻ ڳوٺاڻن وٽ پهتا کين يقين ڏياريو ته اسان ملير جي ڳوٺاڻن سان گڏ آهيون، ان موقعي تي گڏ ٿيل ڳوٺاڻن کي خطاب ڪندي سيد خدا ڏنو شاهه، اختر يوسف عارفاڻي، سڪندر پنهور ۽ ٻين چيو ته اسان جا ڳوٺ قديم آهن جنهن کي ڊاهڻ وارو عمل غير قانوني آهي، اهڙي عملن جي اسين ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪيو ٿا هنن چيو ته عدالتي بهانو بڻائي ايم ڊي اي غلط رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرائي اسان جي ڳوٺن کي مسمار ڪرائڻ چاهي ٿي جيڪو انتهائي غلط عمل آهي ان قسم جو فيصلو اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي،اسان جي اعليٰ عدالت ۽ ٻين وس وارن کي گذارش آهي ته ڳوٺاڻن جو موقف ٻڌو وڃي ۽ قديم ڳوٺن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں