ڄامشورو (ڊ ر) يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر طرفان استاد بخاري ڪٺ جي ڇهين ۽ آخري ڏينهن تي به استاد بخاري جي چاهيندڙن جا ميلا متل رهيا، ڪٺ جي ويهڪ ۾ ناميارو دانشور جامي چانڊيو، علي دوست عاجز، گلڻ ڀنڊ پنهنجا پنهنجا ويچار ونڊيا. ويهڪ ۾ جامي چانڊيو ڳالهائيندي چيو تہ آرٽ جي پهرين وصف آهي عجب ۾ اچڻ آرٽ جو پهريون جز تخيل آهي، اهو آرٽ جو ڪمال آهي جو جيڪو آهي ان کي تخليق ڪريو ٿا، جيڪو ناهي ان کي بہ تخليق ۾ آڻي ٿو، تخيل جماليات ۽ ٽيون عنصر آهي ۽ اهي شيون ڪنهن آرٽسٽ جي هٿ اچن ٿيون تہ وڌيڪ خوبصورت ٿيو وڃن. سنڌ ۾ اڳ علم نه هو، صرف مذهبي ڳالهيون هيون يا لوڪ ادب هو، قاضي قادن کان وٺي مصري شاھ توڙي سچل سرمست جي دور کان وڌيڪ جيڪو دور رهيو اهو لطيف جو دور هو، ويهين صدي ۾ سنڌي شاعري جو جديد دور آيو، گدائي شيخ اياز، استاد بخاري ۽ ٻين سنڌي شاعري کي ڪلاسيڪل دور کانپوء جديد دور ۾ متعارف ڪرايو. دنيا ۾ مختلف قسمن جا شاعر آهن پر ٻہ شاعري جا رجحان چٽا آهن، هڪڙ اهي آهن جيڪو ٻولي ۽ حسناڪين تي لکي زندگي گذار ي وڃن ٿا ۽ ٻيو آهي آرٽ ۽ ادب. آرٽ ۽ ادب جي اها روايت آهي تہ اهي نئون سماج اڏن، ان ۾ استاد بخاري ان ۾ مڪمل طور تي پاڻ ملهايو، وڏا ماڻهو اهي هوندا آهن جيڪي ٻين جا خفا ۽ اُلڪا پاڻ کڻندا آهن. اهي سماج کي ٻڌائڻ جي بغير ئي پنهنجو ڪم ڪندا آهن وڏا ماڻهو رڳو خواب ناهن لهندا پر قدم بہ کڻندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته وڏا اديب اهي ناهن جيڪي ڏکي ٻولي ۾ ڳالهيون ڪن، وڏا تخليق ڪار اهي آهن جيڪي سولي ٻولي کي جماليات ۾ آڻن استاد بخاري جي شاعري ۾ بہ لطيف جهڙا خيال آهن، آرٽ خيال کي جز ۾ تبديل ڪندو آهي بخاري سائين جو اهيو ڪمال آهي جو هن رڳو منزل جو ناهي ٻڌايو پر ان تي ڪيئن پڄبو آهي اهو بہ هن تخليق ڪيو ۽ نوان گس دنا، استاد جي شاعري ۾ مختلف رويا بہ پسي سگهجن ٿا. بخاري سائين تمام گهڻو رومانوي بہ هو ۽ انقلابي بہ آهي هن پورهيتن جي عظمت ۽ انقلابي خيال کي ڪيڏو نہ شانائتو پيش ڪيو آهي. ان موقعي ناليواري ليکڪ علي دوست عاجز چيو استاد جو پورهيو رائگان ناهي وڃڻو جيستائين ٻولي ۽ سنڌ آهي استاد بہ رهندو سندس شاعري جي اڏار تمام وڏي آهن سادن لفظن ۾ وزنائتيون ڳالهيون ڪيون. هن قسم جي ڀيٽا مون اڳ ڪٿي نه ڏٺي آهي جيڪو ڪم عبادت ۽ فرض سان گڏ ادبي ڪم به هو، جنهن تي آرٽ ۽ ڪلچرل يونيورسٽي جي انتظاميا کيرون لهڻي، استاد بخاري سڄي عمر عمل ۽ ادب کي ڏني، اهو ايترو حق لهڻي ٿو، استاد بخاري کي جيڪي ڪيل ڪم عيوض محبتون مليون اهي سڀ هن ماڻيون، استاد کي پيار ڪندڙن جو هڪ وڏو حلقو آهي، پر هڪ وڏي اداري يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچرل طرفان مسلسل 6 ڏينهن استاد بخاري کي ڀيٽا ۽ سندس شاعري تي فڪري ويهڪ هڪ وڏو ڪم آهي جنهن مان نوجوان مستفيد ٿيا آهن. هن قسم جا ٻيا ادارا به ڪن. فڪري ويهڪ جي ڪارروائي ساجدہ مهر هلائي. هانڍي جي نظير احمد سمون، علي مراد جتوئي استاد بخاري جا نت نوان گيت ڳائي ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو ۽ ڪٺ جي آخري ڏينهن تي آيل شاعر فدا ڪليرائي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، تاج مري، شفيع ملاح، امداد کوسو ۽ ٻين مهمانن کي ثقافتي اجرڪ پڻ اوڍايا ويا.
